جاويد جسڪاڻي ۽ عمر سرهندي سميت ٻين جوابدارن تي ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل ڪيس داخل

سنڌري/ ميرپورخاص(نمائندا) رواداري ۽ امن جي سرزمين سنڌ تي عدالت کان مٿانهين ٿيل ڊاڪٽر شاهنوا ڪنڀر جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿي وئي، سنڌڙي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪيس جي جاچ بعد گھرو وزير پاران پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ملوث پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ واري اعلان بعد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جو ڪيس  ڊاڪٽر جي سالي محمد ابراهيم جي فرياد تي سنڌڙي ٿاڻي ۾ دھشتگردي، قتل، حراسمينٽ، تشدد، ھنگامو، ڏوھ لڪائڻ، ھم صلاح، منصوبابندي، ڏھڪاءِ پکيڙڻ ۽ اغوا جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ معطل ٿيل ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد آرائين، اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، سنڌڙي جي ايس ايڇ او نياز کوسو، ڊي آءِ بي انچارج ميرپورخاص دانش ڀٽي، سنڌڙي ٿاڻي جا سپاھي لکمير مري، صديق راھمون، الھجڙيو ڪانھيو، سي آءِ اي انچارج ميرپورخاص عنايت زرداري، سب انسپيڪٽر ھدايت الله ناريجو، نادر پرويز، غلام قادر ۽ فرمان علي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ جي ريڊر عبدالستار سمون، نواب سميجو، امان الله، نديم کوسو، عرفان شاهاڻي، ڊرائيور عطاءِ حسين، پير عمر جان سرهندي، مولوي احمد شاهاڻي ۽ مولوي رياض پنهور کي جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته منهنجو ڀيڻويو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جيڪو سينئر ميڊيڪل آفيسر گريڊ 18 ۾ ضلع اسپتال عمرڪوٽ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري رھيو هو، ڊاڪٽر هڪ روشن خيال مذهبي ماڻهون ۽ ڪجھه عرصي کان نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ ڪري سنڌ ۽ يورپ جي ڊاڪٽر جي علاج هيٺ رهيو هو، تاريخ 17 سيپٽمبر 2024 تي ڊاڪٽر شاهنواز مٿان تهمت مذهب جي الزامن تحت تعلقه عمرڪوٽ جي ٿاڻي تي مذهبي گروهن جي پر تشدد احتجاجن کان پوءِ ايف آءِ آر داخل ٿي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز عمرڪوٽ کان هليو ويو ۽ اهڙن الزامن جي ترديدي ويڊيو بيان سان پنهنجي اصلي فيس بڪ آءِ ڊي تي اپ لوڊ ڪئي،  ساڳي ڏينهن 17 سيپٽمبر تي پير عمرجان سرهندي احتجاج جي وڏي مشتعل ٽولي کي عمرڪوٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز کي گرفتار ڪيو ٻي صورت ۾ اسان وٽ ممتاز قادري جي بندوق موجود آهي، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته منهنجي وڪيل مائٽ جنيد ڪنڀر جو ڊاڪٽر شاهنواز کان رابطو بحال ٿيو، عمرڪوٽ جي ايس ايس پي آصف رضا بلوچ جي حُڪم تي سندس ريڊر عبدالستار سمون پوليس اهلڪار نواب علي سميجو،، امان الله، نديم کوسو، شاهه محمد، عرفان شاهاڻي، معشوق علي، ڊرائيور عطا حسين پوليس موجب ڊاڪٽر شاهنواز کي گرفتاري لاءِ ڪراچي روانا ٿيا، پوليس ڊاڪٽر کي پاڪ قطر هوٽل جي ڪمري نمبر 304 مان گرفتار ڪيو، منهنجو مائٽ وڪيل جنيد ڪنڀر اتي موجود هو، تقريبن 4 وڳي منهنجي ڀاءُ سارنگ ٻڌايو ته ڊاڪٽر جو پوليس مقابلي ۾ قتل ٿي ويو آهي ۽ لاش ڊسٽرڪٽ هيد ڪواٽر اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو آهي، اسپتال مان ڪارروائي بعد لاش سندس والد حوالي ڪيو ويو، جنهن موجب ڊاڪٽر شاهنواز جي جسم تي گولين جي زخمين کان سواءِ ٻانهن، ٽنگ، ڪنڌ ۽ جسم جي ٻين حصن تي به تشدد جا نشان هئا، لاش کڻي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته ڳوٺ ۾ جنوني ماڻهن جي اڳواڻي مولوي احمد شاهاڻي ۽ مولوي رياض پنهور ڪري رهيا هئا، انهن ايمبولينس تي حملو ڪيو ۽ جنازي نماز ادا ڪرڻ نه ڏني ۽ نه غسل ۽ دفن ڪرڻ ڏنو، ڄاڻايل ماڻهن گڏيل رضامندي ۽ منصوبا بندي سان مذهبي ۽ نظرياتي جواز ڄاڻائي ڊاڪٽر شاهنواز کي ڪوڙي مقابلي ۾ پوليس حراست ۾ قتل ڪيو ويو، ڊاڪٽر جي ڪٽنب کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سندس وارثن سان گڏ سنڌڙي ٿاڻي تي نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو،  مير احمد مڱريو،  عبدالعزيز لغاري، اسد علي راشدي، ممتاز سچل اعواڻ، اطهر آرائين سميت ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جا 60 کان وڌيڪ وڪيل موجود هئا. جن وارثن سان ايف آءِ آر جي متن تي قانوني صلاح مشورا ڪيا.

ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد ۾ ريلي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي:اڳواڻ

حيدرآباد (رپورٽر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي پکيڙڻ جي سازش ڪرڻ خلاف سنڌ سڄاڳي فورم جي سڏ تي اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي  ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن، وڪيلن، اديبن ۽ شاعرن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقي تي نامياري اديب تاج جويو خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو خاندان پڙهيو لکيو ۽ انتهائي سلجهيل خاندان آهي، ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۽ لاش جي بي حرمتي واري عمل ۾ ملوث سمورا ماڻهو گرفتار ٿيڻ گهرجن، عمر سرهندي تي به ڪيس داخل ڪيو وڃي، اهو هن سڄي معاملي ۾ مک جوابدار آهي. سنڌ سجاڳي فورم جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو ته هاڻ چيو پيو وڃي ته رياست ذريعي ايف آءِ آر ڪٽي ويندي، پر اسان کي ان تي به اعتبار ناهي، چيف جسٽس کي اپيل ڪريون ٿا ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي، ايڊووڪيٽ نثار چانڊيو چيو ته پوليس باهه وسائڻ بدران باهه مٿان تيل هارڻ وارو ڪم ڪيو، شرپسندن ۽ شدت پسندن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي، عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ جئه ڪمار چيو ته هڪ طرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ کي مذهبي انتهاپسندي جي ور چاڙهيو پيو وڃي، سنڌو امان چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل آهي، سنڌ اندر شعور جو قتل ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين، غني امان چانڊيو چيو ته اسان کي خوف ختم ڪري منظم ٿيڻو پوندو، سڄي سنڌ روڊن تي آهي، سليم جروار چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ان موقعي تي شبير لغاري، شاهد ميراڻي، شنڪر مالهي، عنايت چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جو حڪم ڏيندڙ آفيسرن جا نالا لڪايا ويا: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ لال جروار ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس بابت جاچ ڪميٽي جي رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جو عوام جعلي رپورٽ کي رد ڪري ٿو. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جو حڪم ڏيندڙ آفيسرن جا نالا لڪايا ويا آهن. پوليس رپورٽ ۾ اعلي عملدارن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو مورال ڪيرائڻ جو سبب بڻيو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪندڙ پوليس آفيسر ملڪ دشمن آهن. ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتل پوليس آفيسرن کي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي گلن جا هار پارايا، جيڪو هڪ شرمناڪ عمل آهي،اڳواڻن چيو ته سنڌ صدين کان پرامن ۽ مذهبي ڀائيچاري جو وطن رهيو آهي. سنڌ جي سيڪيولر سڃاڻپ کي ڌڪ رسائيندڙ پوليس آفيسرن، ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي باھ ڏيندڙ، ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل تي انعام مقرر ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙ ۽ پروپيگنڊه ڪندڙ سڀني انتهاپسند جوابدارن خلاف دهشتگردي تحت قتل جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز جي وارثن کي تحفظ ڏنو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت انتهاپسندن جو تحفظ ڪري رهي آهي، سنڌ جي عوام انتهاپسندي کي رد ڪري ثابت ڪيو ته لطيف جي ڌرتي امن، رواداري ۽ ڀائيچاري ڌرتي آهي،

ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪنهن ڪيو ۽ ڪنهن ڪرايو؟ نياز ڪالاڻي

نوشهروفيروز(رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو)جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امتياز کوسو، اياز راڄپر، احسان سيال ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي گھرو وزير ضياء الحسن لنجار پنهنجي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر شاھنواز جي بي ڏوھي هجڻ واري ڳالھ ڪئي آھي پر کيس قتل ڪنھن ڪيو ۽ ڪنھن ڪرايو آهي واري ڳالھ واضح ناھي ڪئي،هن چيو ته   محسوس ٿو ٿئي ته سنڌ حڪومت هٿ سان واقعو ڪندڙ پوليس آفيسرن کي بچائڻ وارو ڪردار پئي ادا ڪري ۽ من معاملي کي هٿ سان اڳتي وڌائي پيش ڪرڻ ٿي گهري جنهن ڪري اسان جو مطالبو آھي ته ھاءِ ڪورٽ جي ججن کان جاچ ڪرائي اصل حقيقتن کي سامھون آندو وڃي ۽ جيڪڏھن سنڌ حڪومت 10آڪٽوبر تائين عدالت کان جاچ نه ڪرائي ت پوءِ مجبورن سمورين سنڌ دوست ڌرين سان رابطا ڪري عمر ڪوٽ ۾ ڌرڻو ھڻي احتجاج جي شروعات ڪنداسين.

ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسر گرفتار ڪيا وڃن: نندلال مالهي

عمرڪوٽ (ڊ ر ) پ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ نندلال مالهي چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ڪوڙي ۽ جڙتو مقابلي ۾ پوليس کي  مارڻ جو ڪوبه قانوني اختيار ۽ حق نه هو. شاهنواز کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ۾ ملوث ڊي آءِ جي ميرپورخاص سميت سمورن پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،  اهڙو اظهار هن ڳوٺ جانهيرو پهچي ڊاڪٽر شاهنواز جي والد صالح ڪنڀر ۽ ڀاءُ بابر ڪنڀر سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پوليس هٿان ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي واقعي جو پهرئين ڏينهن کان نوٽيس وٺي نه رڳو ڊي آءِ جي سميت ٻن ضلعن جي ايس پيز ۽ سي آءِ انچارج کي معطل ڪيو پر واقعي جي جانچ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي, جانچ ڪاميٽي پنهنجي مقرر وقت ۾ جانچ مڪمل ڪري رپورٽ گهرو وزير جي حوالي ڪئي ان موقعي امر اوڏاڻي، ڪندن مالهي ۽ انور ڪنڀر پڻ گڏ موجود هئا.

عمرڪوٽ واقعي خلاف خيرپور ۾ جسقم جو احتجاج

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)جيئي سنڌ قومي محاذ پاران عمرڪوٽ واقعي ۽ سنڌ ۾ مذهبي انتھاپسندي خلاف پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ اڪبر مڪول، جميل لاشاري، اعجاز ڦلپوٽو، مشتاق شيخ، زيد ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، سندن چوڻ ھو ته سنڌ پُرامن ڌرتي آهي اسان سنڌ ۾ مذهبي انتھاپسندي کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي.

انتهاپسندي آڏو رياست پنهنجو ڪيس هارائي وئي آهي: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) تجزئي نگار بينظير شاهه چيو آهي ته  عمرڪوٽ واقعي بعد سنڌ جي ماڻهن زبردست ردعمل ڏنو، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته  انهن ماڻهن جو آواز بڻجي،عمرڪوٽ ۾ جيتري انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿيا اهو حيران ڪندڙ آهي، انهن ماڻهن جو ساٿ ڏيو،هن چيو ته مان اڳتي ڏسڻ چاهيندس ته اڳتي ڏسجي ته جوابدارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿئي ٿي، ايف آءِ آر ڪيئن ڪٽجي ٿي، پوليس آفيسرن کي ڪٿان حڪم مليا،اڪثر ڪميٽي بڻجي وڃي ٿي ۽ پوءِ ڪجهه نٿو ٿئي،صحافي مظهر عباس چيو ته شاهنواز کي هڪ پوليس کان ٻئي پوليس حوالي ڪيو ويو، سنڌ ۾ عدالت کان مٿانهان قتل واقعا ته ٿيندا رهيا آهن، سنڌ حڪومت شروع ۾ ته قدم کنيا پر اڳتي ڇا ٿيندو، جوابدارن کي سزا ملندي يا نه؟ ان واقعي ۾ گهڻا ماڻهو ملوث آهن، انتهاپسندي وڌي رهي آهي، اسڪور سيٽ ڪيا ويندا آهن، عالمي سطح تي توهان جي ساک خراب ٿيندي، پاڪستان جي اميج تي اثر پوندا، ان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي،ارشاد ڀٽي چيو ته توهين رسالت الزام لڳڻ بعد جوابدار جو بچڻ ممڪن ناهي هوندو، سنڌ حڪومت جو پهريون قدم اطمينان جوڳو آهي، حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز کي پوليس قتل ڪيو آهي، انتهاپسندي آڏو اسان جي رياست ۽ حڪومت پنهنجو ڪيس هارائي وئي آهي، يا ووٽ جو مسئلو آهي يا دلچسپي ناهي رهي، ڊاڪٽر شاهنواز پوسٽ جي ترديد ڪئي ان وقت سنڌ حڪومت ڪٿي هئي، جڏهن الزام لڳايو ويو ته تڏهن حڪومتي مشينري ڪٿي هئي، پوليس وٽ قتل ٿيو تڏهن سنڌ حڪومت ڪٿي هئي، جڏهن هجوم پوليس کي ڊيڊلائن ڏئي رهيو هو تڏهن حڪومت ڪٿي هئي؟ اهو ڪو عام ڪيس نه  هو، پوري پاڪستان ۾ ائين ٿي رهيو هو، سريلنڪا مئنيجر جي قتل ڪيس ،عيسائي وسنديون ساڙيون ويون، انهن واقعن ۾ ڪيترن جوابدارن کي سزا ملي؟ ڇا جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ملنديون؟ مون کي نٿو لڳي ته سزائون ملنديون،انتهاپسندي هر گهٽي پاڙي ۾ نظر اچي رهي آهي، بلاول ڀٽو جو به امتحان آهي ته ان واقعي کي ڪيئن منطقي انجام تائين پهچائي ٿو.

ڊاڪٽر شاهنوازڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: ساڃاهه وند

ڄامشورو (ڊر) ڄامشوري ۾ ناليواري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، شاعر ۽ سماج سڌارڪ زاھد مرتضي ڌاريجو جي 50 هين جنم ڏينھن جي  موقعي تي چانڊوڪي ادبي سٿ پاران ڪيفي ساحل تي رٿيل سالگرھ تقريب کي خطاب ڪندي ڄامشوري جي ساڃاهه وندن ارسا جي قانون ۾ امڪاني ردوبدل، سنڌو درياهه تي وڌيڪ 6 ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير واري وفاقي حڪومت جي فيصلن کي رد ڪيو. جڏهن ته عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ۽ واهي پانڌي ۾ نظيران برھماڻي جي قتلن بابت جاچ لاءِ عدالتي ڪميٽي جوڙڻ ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. تقريب کي مقرر خطاب ڪندي زاھد مرتضي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ کيس نوجوانن کي اتساھيندڙ، ڪتاب دوست، انسان دوست ۽ سماج سڌارڪ، گھڻ رخي شخصيت، جاکوڙي ڪردار ۽ ھر فن مولا قرار ڏنو صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري چيو ته سنڌ ھن وقت مختلف رخن کان مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي، ايندڙ وقت ۾صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آھي، ليکڪا نوشين اڄڻ چيو ته تعليم کانسواءِ انسان انڌو آهي، سورھيه صداقت سمي چيو ته زاهد محبتي انسان سان گڏ محنتي به آهي، سحر پيرزادي ڳالهائيندي چيو چانڊوڪي ادبي سٿ جو علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ شاندار ڪم رهيو آهي تقريب کي پروفيسر محمد آدم ٻٽ، ايڊووڪيٽ فھيم نوناري، يوسف جويو، حسين بخش سارنگ، حاڪم چانڊيو، ولھار ڇڇر ۽ ٻين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. تقريب ۾ زاھد مگسي، ڪبير ڀيل، اين بي کوسو، حبيب الله آمڙو، لطف علي پنھيار، ارشاد ناريجو، اسلم اسرار، منظور چانڊيو، علي قريشي، شاھزيب رند  ۽ ٻين شرڪت ڪئي آخر ۾ مهراڻ، زين ۽ شاهزيب رند گٽار تي بهترين گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڀرپور داد حاصل ڪيو.

پوليس چيو خراب خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي وڃ: شاهنواز جو والد

نيويارڪ(م ڊ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي والد صالح محمد جو چوڻ آهي ته پوليس مون کي اهو چئي پاڻ سان گڏ وٺي يا ته هڪ خراب خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي وڃ، وائيس آف آمريڪا جي رپورٽ موجب صالح محمد جو چوڻ آهي ته جڏهن سول اسپتال پهتس ته سامهون جوان پٽ جو لاش پيل هو، هن چيو ته مون ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته پٽ جو لاش ايئن کڻي ڦرندو رهندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.