ڪنڌڪوٽ (ن ع آ ) ڪنڌڪوٽ ڪرمپور مان امن جو پکي اڏامي ويو۔ ڪشمور پوليس ڏوھن جي وارداتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويئي۔ ڏوھارين علائقي واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو۔ ڪرمپور انڊس ھاءِ وي ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي لاڙو واري علائقي ۾ ڇھه کان وڌيڪ ھٿياربند ڏوھاري روڊ تي چڙهائي ڪري ۽ ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ھڪ ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر ۽ رستي ويندڙ باگڙي برادري جي ھڪ عورت پنھنجي مڙس سميت سخت زخمي ٿي پيا۔ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ جي ذريعن موجب فائرنگ ۾ مرڻينگ ٿيل ٽرڪ ڊرائيور جي سڃاڻپ ذاڪر کوسو ۽ زخمي باگڙياڻي جو نالو مائي مٺي ۽ سندس مڙس جو نالو چرن داس ٻڌايو ويو، ٻنھي سخت زخمي ٿيلن ٽرڪ ڊرائيور ۽ مائي مٺي کي ڊاڪٽرن سول اسپتال سکر موڪلي ڇڏيو، ٻئي پاسي ڏوھارين جي فائرنگ ۾ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، واقعي جي اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽنھي زخمين کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ڏي روانو ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آھي ته ڏوھاري ٽرڪ مان ھڪ ڪلينر کي مبينه اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آھن جنھنجي نالي جي خبر ناھي پئجي سگھي.