ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي/عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خير شاهه واري علائقي ۾ بنگوار ۽ مهمداڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. بنگوار برادري جي هٿياربندن هٿان رندو مهمداڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ واٽهڙو شهزاده گولو به گولين جو کاڄ بڻجي ويو.پوليس کي واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ٻنهي جا لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيا جتان ٻنهي مقتولن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد مڙه وارثن حوالي ڪيا ويا مقتولن جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته بنگوار ۽ مهمداڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب هي واقعو پيش آيو آهي ۽ هڪ واٽهڙو به قتل ٿي ويو آهي. قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو.آخري اطلاعن تائين پوليس ڪا به گرفتاري نه ڪري سگهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو.