سولر پئنل مفت يا گهٽ قيمت تي ڏينداسين: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته آئيني عدالتون وقت جي گهرج آهن. عدالتن ۾ ڪيترائي ڪيس پيل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سياسي ڪيسن جي ڪري  عام ماڻهو جا ڪيس دير سان هلندا آهن. پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ آئيني عدالتون آهن. هن چيو ته پنجٽيهه سال گذرڻ باوجود اسان کي ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ انصاف نه مليو آهي. اسان ڪنهن هڪ فرد جي مفاد لاءِ قانون سازي جي حق ۾ نه آهيون. ان حوالي سان بلاول ڀٽو جو موقف بلڪل واضح آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ۾ بهتري چاهي ٿي. ان جو مقصد آهي ته صوبي جي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ وسيلا ڪتب آندا وڃن ته جيئن عام ماڻهوءَ جون مشڪلاتون گهٽجي وڃن ۽ کيس آرام سان زندگي گذارڻ جو موقعو ملي. صوبائي وزير چيو ته 200 يونٽن لاءِ اسان سولر پيڪيج آڻي رهيا آهيون. سولر پئڪيج ۾ بيٽري جو بيڪ اپ پڻ شامل هوندو. سولر پئڪيج مفت يا معمولي قيمت تي ڏنو ويندو. اوور بلنگ يا لوڊشيڊنگ جي حوالي سان پڻ ڪم جاري آهي.

  1. ڪرم ۾ مسلسل اٺين ڏينهن به ڇڪتاڻ جاري، وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪرم ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم جي مختلف علائقن ۾ گذريل 8 ڏينهن کان مخالف ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي تازين واقعن ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. اسپتال جي هڪ عملدار موجب فائرنگ جو سلسلو اٺون ڀيرو به جاري آهي، هن  وقت تائين فائرنگ ۾ ڪل 46 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 96 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.پوليس ۽ اسپتال جي ذريعن گذريل هفتي ٻڌايو ته ويڙهه تڏهن شروع ٿي جڏهن اپر ڪرم جي بوشهرا قبيلي احمد زئي قبائليجي زمينن تي بنڪر ٺاهڻ شروع ڪيا.ذريعن موجب اربع ڏينهن بالاشاخي، صدا، خار وادي، پيڙهه، مقبل ۽ ٻين علائقن ۾ جهڙپن دوران10 ڄڻا مارجي ويا.ٻئي طرف مجلس وحدت مسلمين جي پارلياماني ليڊر انجنيئر حميد حسين پاراچنار امن امان قائم نه ڪرڻ تي پريس ڪلب آڏو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.