اسٽيڪ هولڊرز جي مدد سان مايوسي پکيڙيندڙن کي شڪست ملي:آرمي چيف

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪراچي ڪور جو دورو ڪيو، واپاري برادري سان ملاقات ۾ آرمي چيف چيو آهيته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان وٽ بيشمار وسيلا ۽ صلاحيتون موجود آهن، آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪراچي ڪور جو دورو ڪيو جتي کيس پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ اهم تربيتي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف سان ملاقات ڪندڙ واپارين مثبت معاشي سڌارا حاصل ڪرڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي تي اعتماد جو اظهار ڪيو.آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي جي نمايان صلاحيت موجود آهي، سڀني کي پاڪستان جي روشن مستقبل تي مڪمل اعتماد ۽ يقين رکڻ گهرجي، پاڪستان وٽ بيشمار وسيلا ۽ صلاحيتون موجود آهن. آرمي چيف ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار کي ساراهيو، شرڪت ڪندڙن ايس آءِ ايف سي تي اعتماد جو به اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مدد سان سماج ۾ مايوسي پکيڙڻ وارن کي شڪست ڏني وئي.، هن پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي جي ڪردار ۽ مختلف شعبن ۾ مدد ڏيڻ  ۾ سندن ڪردار کي ساراهيو. آرمي چيف چيو ته چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪئي آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾شاندار صلاحيت رکي ٿو، سڀني کي پاڪستان جي روشن مستقبل تي اٽل اعتماد رکڻ گهرجي. دوري دوران آرمي چيف ڪراچي ۾ انو وسٽا انڊس آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح ڪيو، افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.