سنڌ جي تاريخ جي هر صفحي تي امن، محبت، ۽ رواداري جا لفظ چٽيل آهن. هي ڌرتي صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، جتي صديون اڳ عشق، وحدت، ۽ ڀائيچاري جي پيغام جي آبياري ڪئي وئي. سنڌ نه فقط پنهنجي قديم ثقافت، پر پنهنجي روحاني فلسفي ۽ پرامن رهڻي ڪهڻي لاءِ به مشهور آهي. اهو چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته سنڌ پنهنجي ڌرتيءَ تي موجود هر مذهب ۽ عقيدي جي عزت ڪندي، مذهبي انتها پسندي کي هميشه رد ڪيو آهي سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي. هيءَ اها ڌرتي آهي، جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ۽ لال شهباز قلندر جهڙا اولياءَ جنم وٺي، انسانيت جو درس ڏنو. انهن صوفين جو پيغام هميشه محبت، امن، ۽ ڀائيچاري وارو رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا ڪلام هڪ اهڙي دنيا جي عڪاسي ڪن ٿا، جتي محبت ۽ انسانيت مٿانهين حيثيت رکن ٿيون. صوفيت جو بنيادي پيغام آهي ته سڀ انسان هڪ آهن، ۽ انهن سڀني کي محبت ملڻ گهرجي، ڀلي انهن جو مذهب، عقيدو يا نسل مختلف هجي.
محبت جي انهيءَ پيغام کي صوفي ازم جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي زندگيان ۾ نافذ ڪيو، ۽ هي پيغام صرف مذهبي هم آهنگي تائين محدود نه رهيو، پر سماجي زندگي جي هر شعبي ۾به عڪاسي ٿو ڪري. سنڌ صوفين جي انهن اصولن تي هلندي، هميشه پرامن، محبت ڀري، ۽ ڀائيچاري واري معاشري کي هٿي ڏني آهي.
سنڌ جي مٽي، جنهن جي بنياد ۾ محبت ۽ رواداري سمايل آهي، ڪنهن به قسم جي مذهبي انتها پسندي کي هميشه رد ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ انتها پسندي ۽ نفرت لاءِ ڪا جاءِ ناهي. سنڌ جي ماڻهن جو اصول رهيو آهي ته هرمذهب جو احترام ڪرڻو آهي، ۽ ڪنهن به هڪ مذهب کي ٻين مذهبن کان وڌيڪ اهميت نه ڏيڻي آهي.
سنڌ ۾ صوفين جو فلسفو اسلامي تعليم جي انهن بنيادي اصولن تي ٻڌل آهي، جيڪي رواداري، محبت ۽ احترام کي اجاگر ڪن ٿا. پر، افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته مذهبي انتها پسندي ۽ فرقيواريت کي ملڪي سطح تي وڌايووڃي ٿو، جيڪا سنڌ جي بنيادي نظرئي سان بلڪل متضاد آهي.موجوده دور ۾ انتها پسندي ۽ مذهبي دهشتگردي کي "اسلام” جو نالو ڏئي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،جيڪا مڪمل طور تي غلط آهي. اسلام جو بنيادي پيغام سلامتي، امن، ۽ انصاف تي ٻڌل آهي. پر، انتها پسندي ۽دهشتگردي جا قدم هميشه اسلام جي اصل تعليم کان پري رهيا آهن. ان ڳالهه جو هڪ وڏو ثبوت اهو آهي ته سنڌجي مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ مذهبي انتها پسندي کي سنڌ جي عوام هميشه رد ڪيو آهي. سنڌ جي ماڻهن جو مزاج،ڪلچر ۽ روحاني تربيت، انتها پسندي جهڙين حالتن کي پنهنجي سماج ۾ ڪنهن به طرح قبول نه ڪيو آهي.
جيئن جيئن دنيا ۾ معاشرتي ۽ سياسي حالتون تبديل ٿيون آهن، تيئن تيئن ڪيترن ئي ملڪن ۾ رياستي پاليسين ذريعي مذهبي انتها پسندي کي هٿي ڏني وئي آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ به ڪيترن ئي حالتن ۾ مذهبي جذبات کي سياست ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. 1970 ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ رياستي سطح تي مذهبي گروهن کي مضبوط ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته سماج ۾ شدت پسندي وڌي وئي. اهو عمل افغان جنگ کان وٺي فرقيوارانه سياست تائين جاري رهيو.
مذهبي انتها پسندي اصل ۾ هڪ اهڙو زهر آهي، جنهن سان سماج جي بنيادي قدمن کي نقصان رسندو آهي. اها نهفقط انساني زندگي کي تباھ ڪري ٿي، پر امن ۽ ڀائيچاري کي به ختم ڪري ٿي. سنڌ جيئن ته هميشه امن ۽ محبتجو گهوارو رهي آهي، تنهن ڪري انتها پسندي کي هتي ڪڏهن به قبوليت نه ملي آهي. سنڌ جي ماڻهن انتها پسندي کي هميشه رد ڪيو آهي.
سنڌ جو اصل پيغام رواداري ۽ ڀائيچاري جو آهي، جيڪو ان صوفين ۽ اوليائن کان ورثي ۾ مليو آهي. سنڌ ۾ هرمذهب، هر عقيدي، ۽ هر نسل جي عزت ڪئي وئي آهي. سنڌ جو ڪلچر هميشه پرامن گڏيل سماجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي ماڻهو پنهنجي عقيدن ۽ مذهبن سان گڏ هڪٻئي جي عزت ڪن ٿا.
سنڌ جي صوفي ثقافت جو بنيادي اصول اهو آهي ته سڀني کي هڪٻئي جي آزادي ۽ عقيدي جو احترام ڪرڻ گهرجي. شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ۽ ٻين صوفين جي شاعري، محبت، رواداري ۽ امن جو پيغام ڏيندي رهي آهي. سنڌي سماج ۾ اڄ به انهن جي تعليمات کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
اسلام جو بنيادي پيغام سلامتي آهي. "اسلام” جو مطلب ئي سلامتي آهي. قرآن پاڪ ۾ بار بار محبت، عدل، ۽انصاف تي زور ڏنو ويو آهي. ڪنهن به بيگناھه انسان جي جان وٺڻ کي سختي سان حرام قرار ڏنو ويو آهي. پرافسوس جو انتها پسندي ۽ دهشتگردي جهڙين عملن کي اسلام سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف آهي. اسلام جي اصل تعليم ۾ مذهبي نفرت، فرقي واري سياست، ۽ دهشتگردي جي ڪا به جاءِ نه آهي. اسلام هميشه امن ۽ ڀائيچاري جي تعليم ڏني آهي. سنڌ ان تعليم کي بهترين طريقي سان پنهنجي معاشرتي ۽ ثقافتي قدرن ۾سمائي ڇڏيو آهي.سنڌ جي مٽيءَ ۾ موجود صوفين جو پيغام ۽ امن پسندي جو فلسفو هميشه مذهبي انتها پسندي کي رد ڪيو آهي.