لبنان ۾، حزب الله تازو ئي اھڙن حملن ۾ ڦاسي ويو آهي جنھن جو مثال نھ ٿو ملي.حزب الله خلاف حملن جي تازي لهر سڄي لبنان ۾ان گروپ جي مواصلاتي آلات جي ڌماڪن سان شروع ٿي، اسرائيل ان جي سينيئر ڪمانڊرن کي ماري ڇڏيو.جنھن کان پوءِ لبنان 2006 جي واري جنگ بعد سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ صورحال کي منھن ڏنو. اسرائيل مخالف هٿياربند گروپن جي ھن وڏي اتحاد کي شروعات کان وٺي ايران جي مڪمل حمايت حاصل رھي آهي.
اسرائيلي حملن کان پوءِ حزب الله جي ڪافي نقصان بعد ڪيترن ئي تجزئي ڪندڙن جو خيال ھو تھ ايران طرفان ان جو سخت ردعمل ايندو، پر هن وقت تائين اهڙو ڪو رد عمل سامهون نه آيو آهي.ايران جي اڳوڻين دعوائن باوجود ته حزب الله ان جي ‘آخري سرحد’ آهي ۽ جيتوڻيڪ حزب الله جي اڳواڻ حسن نصرالله تازو اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ‘سڀئي حدون پار ڪري چڪو آهي’، ايران جواب ڏيڻ پاسو ڪيو آهي، يا عملي طور تي ردعمل جو اشارو نھ ڏنو آھي.ايتري تائين جو ڪو سخت بيان بھ ايران طرفان نھ ظاھر نھ ٿيو .
ايران ان حوالي سان ڪٿي بيٺو آهي، ان بابت اسان کي ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ بيانن مان ڄاڻ ملي ٿي.آمريڪي صحافين سان ملاقات ۾، ايراني صدر هڪ غير معمولي بيان ڏنو، جنهن ۾ ھن تجويز ڏني تھ جيڪڏهن اسرائيل پنهنجا هٿيار رکي ٿو ته ايران به ائين ڪرڻ تي غور ڪندو.
اهو ايران جو موقف ٻن مھينن ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رھيو آھي.ٻھ مهينا اڳ تهران ۾ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل کان پوءِ ايران اسرائيل جي خلاف سخت جوابي ڪارروائي جو ارادو ۽ اعلان ڪيو هو.پر تازو نيو يارڪ ۾ هي نئون مفاهمت وارو موقف ايترو ته اهم هو جو ان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي سختيءَ سان انهن خبرن جي ترديد ڪرڻي پئي ته تهران اسرائيل سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ايراني صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي غزه ۾ اسرائيل جي جنگ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي خبردار ڪيو هو ته لبنان تي ان جي حملن کي جواز قرار نٿو ڏئي سگهجي.پر اڳوڻن ايراني سخت گير اڳواڻن جي مقابلي ۾ ھن جو لهجو وڌيڪ مفاهمت وارو هو ۽ هن اسلامي جمهوريه جي روايتي دشمني جي بيان بازي کان پاسو ڪيو.هن چيو ته اسان سڀني لاءِ امن چاهيون ٿا ۽ ڪنهن به ملڪ سان ٽڪراءَ جو ارادو ناهي.
اڳوڻي پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف، جيڪو هاڻ نائب صدر آهي، صدر جي بيان جو دفاع ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي صدر جي ”اسرائيلي ڏوهن“ جي مذمت طرف اشارو ڪندي ايران کي ”امن جو چيمپيئن“ قرار ڏنو ۽ ايران کي ائٽمي هٿيارن جي خاتمي جي حامي طور پيش ڪيو.جواد ظريف اسرائيل تي الزام لڳايو ته هو ايران جي ارادن بابت ”خطرناڪ ۽ غلط بيانيئي“ کي اڳيان وڌائي رهيو آهي.ھن جو اھو چوڻ ھو تھ اسرائيل جي دعوائڻ جي ابتڙ ايران جنگ نھ ٿو چاھي.
آمريڪي صحافين سان پنهنجي گفتگو ۾ صدر پزشڪيان چٽو ڪيو تھ "اسين جنگ نٿا چاهيون”. هن اسرائيل تي الزام هڻندي چيو ته هو ايران کي ڇڪتاڻ ۾ ڦاسائي رهيو آهي.جنهن ۾ ڪنهن کي به فتح حاصل نه ٿيندي .ھتي اھو ذڪر وقتائتو ٿيندو تھ ايران ۾ اقتدار ملڪ جي رھبر اعليٰ آيت اللھ خامنھ اي ۽ پاسدارن انقلاب جي ھٿن ۾ آھي ۽ اھم اسٽريٽيجڪ فيصلا صدر جي ھٿ ۾ نھ ھوندا آھن.آيت الله علي خامنه اي جي ويجهو قدامت پسندن اسرائيل سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڳالهه ڪرڻ تي صدر کي تنقيد جو نشانو بڻايو آھي.انھن جو چوڻ آھي تھ صدر کي سڌي ريت نشريات وارو انٽرويو نھ ڏيڻ کپي ھا.
خود آيت الله علي خامنه اي، جيڪو تاريخي طور تي اسرائيل ۽ آمريڪا تي سخت ترين نظريو رکي ٿو، پنهنجي تازي تقرير ۾ صرف هڪ ڀيرو لبنان جو ذڪر ڪيو.ان جي بدران، هن "اسلامي اتحاد” کي "پهريون قدم” قرار ڏنو، ھن زور ڏنو تھ اسرائيل کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان ملڪن کي اسرائيل سان اقتصادي ۽ سياسي لاڳاپا ختم ڪرڻ واو پراڻو ئي مطالبو ورجايو.نھ رڳو اھو پر ايران جي انقلابي گارڊ جي سينيئر آفيسرن ۽ ڪمانڊرن پڻ پنهنجي ملڪ ۽ ان جي اهم اتحادين حماس ۽ حزب الله جي خلاف اسرائيل جي ڪاررواين خلاف جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪرڻ ۾ غير معمولي تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي.
اها تبديلي ايران نواز حڪومتي ميڊيا ۾ پڻ ظاهر ٿي آھي، جيڪو روايتي طور تي ايران کان اسرائيل خلاف انتقامي ڪارروائي جو مطالبو ڪندو ھو.ڪجهه سخت گير آواز ۽ ادارا هاڻي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن تھ جيئن اسرائيل خلاف مسلم اتحاد جڙي سگھي،پر اهڙيون تجويزون ڏهاڪن کان سامھون اينديون رھيون آھن ۽ انھن جو ڪو بھ اثر نھ ٿيندو آھي.ڪجهه مبصر سمجھن ٿا تھ جيڪڏهن ايران اسرائيل سان حزب الله جي تڪرار ۾ سڌي طرح مداخلت کان پاسو ڪري ٿو ته ان سان خطي جي ٻين اتحادي مليشيا کي اهو پيغام وڃڻ جو خطرو آهي ته اهي بحران جي وقت ۾ پنهنجي بقا ۽ مفادن کي اوليت ڏين، اھڙي تبديلي سان خطي ۾ ايران جي اثر ۽ اتحاد کي ڪمزور ٿيڻ جو امڪان آھي.
اسرائيلي حملن کان پوءِ حزب الله جي ڪافي نقصان بعد ڪيترن ئي تجزئي ڪندڙن جو خيال ھو تھ ايران طرفان ان جو سخت ردعمل ايندو، پر هن وقت تائين اهڙو ڪو رد عمل سامهون نه آيو آهي.ايران جي اڳوڻين دعوائن باوجود ته حزب الله ان جي ‘آخري سرحد’ آهي ۽ جيتوڻيڪ حزب الله جي اڳواڻ حسن نصرالله تازو اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ‘سڀئي حدون پار ڪري چڪو آهي’، ايران جواب ڏيڻ پاسو ڪيو آهي، يا عملي طور تي ردعمل جو اشارو نھ ڏنو آھي.ايتري تائين جو ڪو سخت بيان بھ ايران طرفان نھ ظاھر نھ ٿيو .
ڪجهه مبصر سمجھن ٿا تھ جيڪڏهن ايران اسرائيل سان حزب الله جي تڪرار ۾ سڌي طرح مداخلت کان پاسو ڪري ٿو ته ان سان خطي جي ٻين اتحادي مليشيا کي اهو پيغام وڃڻ جو خطرو آهي ته اهي بحران جي وقت ۾ پنهنجي بقا ۽ مفادن کي اوليت ڏين، اھڙي تبديلي سان خطي ۾ ايران جي اثر ۽ اتحاد کي ڪمزور ٿيڻ جو امڪان آھي.