عدالتن کان مٿانهان قتل

تحرير: غلام حسين لغاري

  ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته توهين رسالت جي سزا هر ان ماڻهو کي ملڻ گهرجي جيڪو توهين رسالت جو ڏوهي ثابت ٿئي۔جيڪو به مسلمان نبي ڪريم ص پاڪ حضرت محمد مصطفي کي آخري نبي نٿو مڃي ۽ توهين رسالت جو مرتڪب ٿئي ٿو ان کي قانون پٽاندڙ سزا ملڻ گهرجي جنهن لاءِ ملڪ جون عدالتون موجود آهن اهي ئي اهڙي ڏوهاري کي واقع قرار سزا ڏئي سگهن ٿيون۔   جيڪڏهن عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪو اهڙو عمل ڪيو هو ته ان لاءِ ملڪي قانون ۽ عدالتون موجود هيون کيس واقع قرار سزا ڏئي پئي سگهيون پر پوليس عجلت کان ڪم وٺي عدالت کان مٿانهون قدم کنيو ۽ پوليس جي موجودگي ۾ کيس جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو جنهن جو سنڌ حڪومت اعتراف به ڪري چڪي آهي۔قتل پنهنجي جاءِ تي پر مذهبي انتها پسندي جو مظاهرو ڪندي سندس لاش جي بي حرمتي ڪرڻ سان گڏ لاش کي ڪنهن حد تائين ساڙيو به ويو ۽ لاش عزيزن حوالي نه ڪيو ويو جنهن ڪري به تاءِ پکڙيل آهي ۽ عوامي مظاهرا پيا ٿين.

سنڌ حڪومت هن ڳنڀير مسئلي جو فوري ريت نوٽيس ورتو فوري جاچ جو حڪم ڏنو جنهن کانپوءِ عدالت کان ٿيل هن مٿانهين قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ ٻين خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو صوبائي گهرو وزير بيان ڏئي هن معاملي کي ٿڌي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي جنهن لاءِ هو جس لهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي هن سنگين ڏوهه ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ ٻين کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ ممڪن ٿي سگهي ته عدالتي ڪميشن جوڙي ان ۾ هي سنگين نوعيت جو ڪيس هلايو وڃي ۽ هن وقت تائين جيڪا به جاچ ٿي آهي ته ڊاڪٽر کي ڪراچي مان زنده سلامت پڪڙي هٿرادو مقابلو ڪرائي قتل ڪري سنگين ڏوهه ڪيو آهي ۽ خود سنڌ حڪومت ان جو اعتراف ڪيو آهي.

سنڌ ۾ عدالت کان مٿانهن خونن ۽ رت وهائڻ جو هي ڪو پهريون واقعو ناهي گذريل ڪجهه سالن اندر هن قسم جا اڪثر واقعا رونما ٿيا آهن جن کي فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جو نالو ڏئي پوليس آفيسر انعام اڪرام وٺندا رهيا آهن ۽ اهڙن واقعن بعد کين گلن ۽ نوٽن جا هار پارايا وڃن ٿا جهڙي طرح ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪري ميرپورخاص ڊويزن جي پوليس آفيسرن کي پارايا ويا. عدالت کان مٿانهن واقعن ۾ ماضي ۾ به ڪافي بيگناهه قتل ٿي  چڪا آهن جنهنڪري خاندانن جا خاندان معاشي طور تباهه ٿين ٿا۔جڏهن عدالتون آهن جج آهن قانون ۽ آئين موجود آهي ته فل فراءِ ۽ هاف فراءِ وارا قدم کڻڻ جو ڪهڙو مقصد آهي۔عوام جو چوڻ آهي خانداني دشمنيون پارڻ لاءِ پوليس کي استعمال ڪيو وڃي ٿو۔عام شهري ته زيادتين خلاف ۽ پنهنجيون جائز شڪايتون کڻي ٿاڻن تي وڃڻ کان به ڪيٻائين ٿا جو سرداري ۽ وڏيرڪي نظام سبب هو خوفزده رهن ٿا جيڪا روايت هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي فل فراءِ يا هاف فراءِ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي جيڪو به ڏوهاري هجي تنهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جيڪو به آفيسر فل فراءِ يا هاف فراءِ جو ڏوهاري نڪري تنهن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

عمرڪوٽ واقعي بعد سنڌ جون سياسي سماجي ڌريون هن وقت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهين قتل خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن جن عمر ڪوٽ ۾ پرامن وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ مقتول ڊاڪٽر شاهنواز کي مختلف ذريعن سان ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪجهه ڌريون سنڌ جي صوفي ۽ ساڃاه وند ماڻهن جهڙوڪ مانجهي فقير ۽ ٻين کي خوفزده پڻ ڪري رهيون آهن جن سندس قبر تي پهچي کيس ڀيٽا پيش ڪئي جنهن جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي کين تحفظ ڏيڻ گهرجي۔اهڙي طرح عدالت کان مٿانهين قتل ٿيل ۽ توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل جي والدين گهر ڀاتين ۽ عزيزن کي به خوفزده ڪيو پيو وڃي جن جي تحفظ لاءِ به اثرائتا اپاءِ ورتا وڃن ته جيئن هو وقت سر ۽ آزادانه ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهن جنهن جو صوبائي گهرو وزير اعلان به ڪري چڪو آهي.              عام راءِ اها آهي ته جيڪڏهن عمرڪوٽ واسي صوبائي وزير سائين سردار علي شاهه جنهن جي تڪ ۾ خونريزي جي هي واردات ٿي آهي جيڪڏهن وقت سر ڪوشش ڪري ها ۽ سچائي ڏيکاري ها ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر شايد ئي قتل ٿئي ها جڏهن ته سندس بقول مقتول توڙي سندس خاندان صوم و صلوات جو پابند هو۔جيڪڏهن سردار شاهه پوليس کي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي مڪمل تحفظ يا سلامتي سان عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ زور ڀري ها ته شايد ئي هو مذهبي انتها پسندن ۽ پوليس جي ور چڙهي ها۔هن وقت کڻي هو اسيمبلي ۾ سئو ڳالهيون ڪري ۽ سوڳوار خاندان سان لک همدرديون ڪري.                سنڌ جي جيڪا صورتحال آهي مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي جيڪا وڌڻ نه گهرجي ۽ هر ماڻهو اهڙي جنونيت کان پاڻ کي پري رکي۔مذهبي ۽ سياسي ڌريون وک وڌائين ۽ اهڙي ڪنهن به مذهبي جنونيت جو حصو نه بڻجن جن سان انساني خون رائگان ٿئي يا ڪنهن جو عدالت کان مٿانهون قتل ٿئي ڪنهن انساني لاش جي ڪا بي حرمتي ٿئي۔سنڌ جو گهرو وزير لنجار صاحب جنهن جرئت ۽ انساني همدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ بنا وقت وڃائڻ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جو نوٽيس وٺي جاچ جو دائرو وڌايو آهي قابل تحسين آهي پر ان ڳالهه جو به يقين ڪري ته سنڌ ۾ عدالت کان مٿانهان قتل يا ڪنهن جو خون وهائڻ جي اجازت نه ڏئي ۽ پوليس فل فراءِ ۽ هاف فراءِ واري روايت هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.