ڪراچي ۾ اڄ کان ”عالمي ثقافتي ميلو“ شروع ٿيندو، تياريون مڪمل

ڪراچي ( رپورٽر )  پاڪستان آرٽس ڪائونسل طرفان اڄ26 سيپٽمبر کان ” عالمي ثقافتي ميلو "۾ شروع ٿي رھيو آھي. جيڪو 30 آڪٽوبر تائين جاري رھندڙ ان ميلي ۾  40 ملڪـن جا ثقافتي گروپ جڏھن تھ 100 کان وڌيڪ ڪلچرل پرفارمنس ڪندا. 35 ڏينھن جاري رھندڙ ان ميلي ۾ ميوزڪ ٿيٽر ڊانس فائن آرٽ سميت دنيا جا خوبصورت ثقافتي رنگ شامل ھوندا. ولڊ ڪلچر فيسٽيول جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪـندي صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاھ چيو تھ ھن نفسا نفسي جي دور ۾ ھي فيسٽيول پاڪستان جي مثبت چھري کي نروار ڪري ڏيکاريندو.اسان جو ھن فيسٽيول ذريعي ٻاھرين ملڪن سان رشتو مضبوط کان مضبوط ٿيندو. ان سلسلي ۾ سڻڌ حڪومت آرٽس ڪائونسل سان ھر ممڪن تعاون ڪري رھي آھي. آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاھ چيو تھ فيسٽيول جو افتتاح وزير اعلي سيد مراد علي شاھ ڪندو. ھن چيو ته ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ۾ سنڌ جو فوڪ فيسٽيول به پيش ڪيو ويندو جنھن ۾ سنڌ ڌرتي جا ڀرپور ثقافتي رنگ شامل ھوندا. ان کانسواء پنجاب گلگت ڪي پي ڪي بلوچستان ڪشمير  سميت فلسطين مصر ڀارت چين روس عراق سريلنڪا يوڪرين قطر اومان ۽ ٻيا ملڪ شامل آھـن. محمد احمد شاھ چيو تھ ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ۾  40 ٿيٽر ڪندڙ گروپ 50 ڊانس پرفارمنس  55 ميوزڪ پرفارمنس بھ شامل آھن ۽ فيسٽيول ۾ 450 کان وڌيڪ فنڪار پرفارم ڪندا. ناليواري ليکڪ انور مقصود چيو تـ  ميڊيا جي اک فيسٽيول کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائيـندي. اعجاز فاروقي چيو تھ ھي فيسٽيول دنيا جي مختلف ثقافتن کي ھڪٻئي سان متعارف ڪرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا.

  1. فوج جو ڪم سرحدن جي حفاظت آهي، پوليس کي ڪم ڪرڻ  ڏنو وڃي: حافظ نعيم

پشاور  (پ ر)  امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته افغانستان سان امن لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن حڪومت ائين نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ جهڙن ماڻهن کان مدد وٺي، جماعت اسلامي امن لاءِ ان خدمت لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ٿي طالبان ذميواري ڏيکاري، دهشتگردن کي موقعو ڏنو ويو ته سڄو خطو بدامني جي لپيٽ ۾ اچي ويندو. فوج جو ڪم سرحدن جي حفاظت ڪرڻ آهي، جيڪڏهن فوج پوليس جو ڪم ڪندي ته حالتون بهتر نه ٿينديون.آپريشن سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، نئين آپريشن جو مطلب آهي ته اڳيون آپريشن ناڪام ٿيا آهن. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير اسلام آباد ۽ لاهور تي ڌيان ڏيڻ بدران صوبي جي عوام جي خدمت ڪري، اهو ئي سندس پارٽي جي بهترين مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ قبائلي امن جرڳي کي خطاب ڪندي ڪيو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ضم ٿيل قبائلي علائقن ۽ بلوچستان ۾ هنگامي بنيادن تي ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن، بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو وڏو مسئلو حل ناهي ٿيو، حڪومت جوابدارن کي سزا ڏئي، ماڻهن کي ماورائي عدالت گم ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي.هن چيو ته قبائلي علائقي ۾ ڪو به ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي ناهي، ڇوڪرين جي تعليم بابت پروپيگنڊا ڪندڙ ٻڌائين ته علائقي ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪيترا تعليمي ادارا آهن، امير جماعت اسلامي چيو ته افغان طالبان کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، چند ماڻهن جي غلط فيصلن جا نتيجا پوري پاڪستاني قوم تي نه پوڻ گهرجن، افغان سرزمين ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي معاملن ۾ فوج جي مداخلت جا ذميوار سياستدان پاڻ آهن، اهو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان لاءِ فوج سميت سمورن ادارن ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان کي سياسي سمجهيو ويندو.حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ امن جي قيام، ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.