اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ رجسٽرار مخصوص سيٽن جي معاملي تي اڪثريتي ججن جي وضاحت جي حوالي سان رپورٽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي موڪلي ڇڏي. ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 8 اڪثريتي ججن جي وضاحت تي رجسٽرار جزيله سليم کي خط لکي سوالن جا جواب طلب ڪيا هئا، جنهن تي هاڻ کيس رپورٽ موڪلي وئي آهي. رپورٽ ۾ رجسٽرار ٻڌايو ته وضاحتي حڪم نامي جي معاملي تي ڪا ڪاز لسٽ جاري نه ٿي، جڏهن ته درخواستن لاءِ ڌرين کي نوٽيس به نه موڪليا ويا. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته درخواست جي سلسلي ۾ ڪنهن چيمبر ۾ جج نه ويٺا، فيصلو ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ کان اڳ فائل آفيس کي نه موڪليو ويو. وضاحتي حڪم نامو سينئر جج جي اسٽاف آفيسر جي حڪم تي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيو.