اسلام آباد(عمر چيما) حڪومت جسٽس منصور شاهه جي چيف جسٽس طور بڻجڻ واري جعلي نوٽيفڪيشن جي وضاحت ايتري ته تڪڙ ۾ ڪئي جو ان ۾ به اسپيلنگ جي غلطي ڪري ويٺي، بعد ۾ اها خبر نه پئجي سگهي ته نوٽيفڪيشن جعلي آهي يا حڪومتي وضاحت؟ پوءِ خبر پئي ته وضاحت صحيح هئي، جسٽس منصور شاهه کي هاڻي نقصان پهچايو پيو وڃي، عمران خان پاران سندس حمايت ۾ بيانن سان هو سوشل ميڊيا تي ته ضرور هيرو بڻجي ويندو،پر طاقت جي ميدان ۾ هو بي اثر ٿي ويندو،ان عمل سان حڪومت جا خدشا وڌندا، اها ڳالهه ته طئي آهي ته آئيني ترميم ضرور اچڻي آهي نه ته حڪومت جي موڪل ٿي ويندي،آئيني عدالت بڻجڻ بعد جسٽس منصور شاهه جو ايترو اثراندازي وارو ڪردار نه رهندو،عدليه ۾ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي،مخصوص سيٽن بابت فيصلو اپ لوڊ ڪرڻ تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ کيس ٻڌايو ويو ته اهو فيصلو جسٽس منصور شاهه جي اسٽاف پاران اپ لوڊ ڪرايو ويو هو،هاڻي جسٽس منصور شاهه کي به شوڪاز نوٽيس ملي سگهي ٿو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 26 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو