سرڪاري ادارن کي ڪمزور ڪرڻ وارو معاملو

تحرير: غلام حسين جوڻو

سرڪاري ادارا قوم و ملڪ کي ترقي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. انهن جي بنا ملڪ جي ترقي ناممڪن آهي. جيڪڏهن اهي ادارا قاعدن ۽ قانونن موجب ڪم ڪندا رهن ته ملڪ ۾ ڪوبه سياسي، معاشي ۽ اقتصادي بحران پيدا ٿي نه ٿو سگھي. دنيا جا ملڪ پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا آهن. انهن کي فعال ڪرڻ لاءِ قانون سازي به ڪندا رهندا آهن. جنهن ڪري اهي ملڪ اڄ ترقي جي بلندين تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پر، جيڪي ملڪ ادارن کي مضبوط ڪري نه سگھيا آهن. انهن ايتري ترقي ڪونه ڪئي آهي. جئين اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جا ادارا پوئتي ٿيندا پيا وڃن. اهي غير فعال ٿي رهيا آهن. انهن ۾ هاڻ مضبوطي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. اڪثر ادارن ۾ سياسي مداخلت ٿي رهي آهيءَ انهي مداخلت جي ڪري ادارا پوئتي ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري هن وقت معاشي استحڪام ناهي رهيو. ملڪ ترقي جي راهن تان هٽندو پيو وڃي.

هونئن ته ادارن جي تباهي جون ڳالهيون عام هلنديون رهن ٿيون ۽ انهن ڳالهين کي ڀيٽجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته، هن ملڪ جا سرڪاري ادارا غير فعال ٿيندا پيا وڃن. جيڪي گھربل نتيجا ڪونه ڏيئي رهيا آهن. انهن جي ناقص ڪارڪردگي آهي. جنهن ڪري اسان ترقي ڪرڻ کان ڪوهين پري ٿيندا پيا وڃون. اهو گس وٺڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. جنهن سان ملڪ ۾ خوشحالي ٿئي ادارن جي ڪارڪردگي صرف ڪاغذن ۾ ڏيکاري وڃي ٿي. رڪارڊ ۾ صحيح نموني سان اندراج ڪيو وڃي ٿو. وڏا بيان ڏيئي پنهنجي ڪارڪردگي جي ساراهه ۽ واکاڻ پڻ ڪئي وڃي ٿي. باقي عملي ڪم ڪٿي به نظر ڪونه ٿو اچي. هر هنڌ ڪرپشن ٿي رهي آهي. رشوت خوري عروج تي پهچي چڪي آهي. ادارن جي تباهي ۾ سياسي مداخلت وڌندي پئي وڃي. جنهن ڪري عوام مونجهارن جو شڪار آهي ۽ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن مان ڪيتري به ڪوشش ڪجي ماڻهو جان ڇڏائي نه ٿو سگھي. جيستائين ادارن مان سياسي مداخلت، ڪرپشن ۽ رشوت جو خاتمو نه ٿيندو ايستائين عوام بدحاليءَ مان نڪري خوشحالي طرف وڃي نه ٿو سگھي.

. هاڻ، ماڻهن جي ڊوڙ خانگي شعبن ڏانهن وڌندي پئي وڃي. هتان جي تعليم، صحت ۽ ٻين ادارن جي حالت خراب آهي، اهوئي سبب آهي جو پرائيوٽ ادارا وڏي تعداد ۾ کلي رهيا آهن. امن و امان جي صورتحال به ٺيڪ ڪونه آهي. بدامني وڌندي پئي وڃي. هن جيڪو بيان ڏنو آهي. سوته، مٿئين ليول جو آهي. پر، هيٺين سطح تي ڏسجي ٿو ته واقعي اسان جي ادارن جي ناقص ڪارڪردگي آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ درس وتدريس جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. انهن ادارن ۾ سهولتن جي اڻاٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪافي ماڻهو سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي موڪلڻ ۾ دلچسپي ڪونه ٿا وٺن. انهن به خانگي اسڪولن جو رخ اختيار ڪيو آهي ۽ سندن ٻار خانگي اسڪولن ۾ تعليم وٺڻ کي اوليت ۽ اهميت ڏيئي رهيا آهن ۽ والدين ڳريون فيسون ۽  خرچ برداشت ڪندا وتن.

اهوئي سبب آهي جو، سڄي ملڪ ۾ خانگي اسڪول کلي ويا آهن. خاص ڪري سنڌ جي هر شهر ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اهڙا اسڪول موجود آهن. اهي اڃا وڌيڪ کلندا پيا وڃن. جنهن ڪري انهن اسڪولن جي تعداد ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي. سرڪاري اسڪولن جي عمارتن جي به خسته حالت آهي. ڇتين مان چاپڙ هيٺ ڪري رهيا آهن. ان ڪري انهن عمارتن ۾ وڃڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونه ٿو ٿئي. هينئر پرائيوٽ اسڪولن جي ڪاروبار ۾ واڌ ٿئي پئي. سرڪاري اسڪولن جي حاضري گھٽ ٿيندي پئي وڃي. بلڪل اهڙي طرح صحت کاتي جي به ساڳئي حالت ڏسڻ ۾ پئي اچي. اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻ هوند ۽ اڻاٺ آهي. دوائن جي کوٽ آهي. ميڊيڪل اوزارن جو فقدان به ناقص ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحبان اسپتالن ۾ مريضن کي تپاسڻ بدران خانگي ميڊيڪل سينٽرن تي تپاسڻ کي اهميت ڏيئي رهيا آهن. هر شهر ۾ خانگي اسپتالون قائم ٿي ويون آهن. ڊاڪٽر ڳريون فيون وٺي مريضن کي ٻنهي هٿن سان ڦري ۽ لٽي رهيا آهن. ۽ جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريض تڙپي، تڙپي مري رهيا آهن. ان جو فڪر ڪنهن کي به ڪونه آهي.

ريلوي نظام ڏانهن اک کڻي نهارجي ٿو ته، روئڻ ٿو اچي. ريل گاڏين ۾ سفري سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن. گاڏيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير سان اچن ٿيون. جيڪي وقت سان مسافرن کي منزل تي ڪونه ٿيون پهچائين. ريل گاڏي ۾ رشوت هلي رهي آهي. ڪارين رڍن جو تعداد تمام گھڻو آهي. جيڪو ڪرپشن ڪري رهيو آهي. اهو ٽولو مسافرن کان پئسا وٺي گاڏي ۾ موڪليو ڇڏي ۽ کين ٽڪيٽ وٺڻ ڪونه ٿو ڏيئي. ان ڪري قومي نقصان ٿئي پيو ۽ ان حالت جي ڪري اهو کاتو به هاڻ نفعي بخش ڪونه رهيو آهي. اهو خساري ۾ وڃي رهيو آهي. اهڙو اعتراف واڳ ڌڻي خود به ڪن ٿا. پر، ضابطي ڪرڻ کان غافل آهن. ڪيترائي سبب آهن جو، کوڙ مسافر ريل گاڏين جي سفر کان لنوائين ٿا ۽ اهي روڊ سان سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن. پرائيوٽ بسون، ڪوچون ۽ وينون هلي رهيون آهن جيڪي مسافرن سان ڀريل نظر اچن ٿيون ۽ اهي وقت سان مسافرن کي پنهنجي منزل تائين پهچائين ٿيون. هاڻ ته سڄي ملڪ ۾ مذڪوره بسن ۽ ڪوچن جون سروسز شروع ڪيون ويون آهن. مسافرن کي هاڻ اهو سفر سولو ٿي پيو آهي.

مون، هتي صرف ٽن کاتن جو بيان ڪيو آهي. تعليم، صحت ۽ سفري سهولتن جي باري ۾ ڪجهه لفظ لکڻ جي جسارت ڪئي آهي. پر، هر اداري ڏانهن نظر ڦيرائبي ته، معلوم ٿيندو ته اسان تباهي جي طرف وڃي رهيا آهيون. ياد رهي ته جيستائين اسان جا ادارا مضبوط نه ٿيندا. اهي مقرر ڪيل قاعدن ۽ قانونن موافق ڪم نه ڪندا تيستائين اسان ترقي جي منزل تي گامزن ٿي ڪونه سگھنداسون. اسان جي معيشيت مستحڪم ۽ مضبوط ٿي ڪونه سگھندي. ادارن کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سياسي مداخلت کي ختم ڪرائڻ وقت جي اشد ضرورت آهي. ملڪ جي ترقي جو دارو مدار ادارن جي مضبوطي تي ٻڌل آهي. جيترا ادارا مضبوط هوندا اوترو ئي ملڪ ترقي جي طرف رخ ڪندو. ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ نه رڳو حڪومت جي ذميواري آهي. پر، اسان عوام تي به عائد ٿئي ٿو ته ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ادارن کي درست رخ ۾ وٺي هلون. اچو ته گڏجي ان ڏس ۾ ڪوششون ڪريون ته جيئن ادارن مان مداخلت ختم ٿئي. اسان ادارن جي مالڪي ڪريون. جنهن مان قوم و ملڪ کي فائدو ملندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.