عالمي خابرو اداري رائٽرز روس ۽ يوڪرين جنگ جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هندستاني هٿيار يورپ جي رستي يوڪرين کي مُهيا ڪا پيا وڃن، جڏهن ته ھندستاني پرڏيهي وزارت ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
19 سيپٽمبر تي رائٽرز هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته ”هندستاني هٿيار ٺاهيندڙن يورپ ۾ گراهڪن کي ڌماڪيدار مادو وڪرو ڪيو، جيڪو هنن يوڪرين کي فراهم ڪيو ھو ۽ روس ان تي اعتراض ڪيو آھي.ان کان سواءِ اهو به چيو ويو آهي ته روس جي مخالفت باوجود ھندستان ان تي ڪا به پابندي نه لڳائي آهي.
ٽن هندستاني اهلڪارن رائٽرز کي ٻڌايو ته روس ٻه ڀيرا اھو معاملو اٿاريو آهي.رائٽرز جي رپورٽ موجب، جولاءِ ۾ هندستاني پرڏيهي وزير جي شنڪر ۽ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لائوروف وچ ۾ ملاقات دوران ان مسئلي تي بحث ٿيو ھو.ھندستاني پرڏيهي وزارت ان رپورٽ ۾ پيش ڪيل تبصرو کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ھندستان ۽ روس جي پرڏيهي وزارتن رائٽرز جي سوالن جو جواب نه ڏنو.
جيسوال جنوري 2024 ۾ چيو هو ته ھندوستان يوڪرين کي آرٽلري گولن جي فراهمي يا وڪرو نه ڪيو ويو آهي. سينيئر صحافي سهاسني حيدر ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي ۽ چيو ته ”جيڪڏهن اهو سچ آهي ته يوڪرين ذريعي يورپ کي هٿيارن جي فراهمي ڪئي وئي آهي ته ھندستان پاران هٿيار برآمد ڪرڻ واري قانون جي ڀڃڪڙي تي احتجاج ڪندي يورپ سان معاهدو ختم ڪرڻ گهرجي.
هندستان جي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه آگسٽ ۾ چيو ھو ته ”گذريل مالي سال ۾ هندستاني هٿيارن جي برآمدات 2.5 بلين آمريڪي ڊالر کان وڌي وئي آهي. جنھن کي سال 2029 تائين 6 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جو منصوبو آهي.“
هندستان جي هٿيارن جي ڪافي ضرورت روس پوري ڪري رهيو آهي.
رائٽرز موجب ھندستان 60 سيڪڙو هٿيار روس کان درآمد ڪندو آهي. اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (SPRI) جي انگن اکرن موجب، 2017 ۽ 2022 جي وچ ۾ هندستان ڏانهن روس جي هٿيارن جي درآمد 62 سيڪڙو کان گهٽجي 45 سيڪڙو ٿي وئي آهي.تازي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هندستان هٿيار درآمد ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهي. اهو پڻ چيو ويو آهي ته هندستان جي درآمد 4.7 سيڪڙو وڌي وئي آھي.
اسرائيل کي گذريل سال غزه جي فلسطيني علائقي خلاف جنگ کان پوءِ هٿيارن جي سخت ضرورت هئي.ھندستاني اخبار ’دي هندو‘ جي رپورٽ ۾ بچاءَ واري وزارت جو حوالو ڏيندي چيو ويو آھي ته ھندستان اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي نه ڪرڻ جي پاليسي تي فيصلو ڪيو هو ۽ ڪنهن کي به هٿيارن فراهم نه ڪندي ھندستان غير جانبدار رهيو آھي. جنگ سبب روس پاران ھندستان کي هٿيارن جي فراهمي ۾ به گهٽتائي آئي آهي.
يوڪرين اسرائيل جنگ ۾ آمريڪا سميت اولھھ جي ملڪن يوڪرين کي فوجي امداد فراهم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه آمريڪا وچ اوڀر ۾ جاري اسرائيل حماس جنگ ۾ به اسرائيل جي مدد ڪري رهيو آهي.
جڏهن روس 2022 ۾ يوڪرين خلاف جنگ شروع ڪئي ته اولھھ جي ملڪن روس تي مختلف پابنديون لاڳو ڪيون ھيون.ھندستان اقتصادي پابندين باوجود روس کان خام مال خريد ڪري رھيو آھي. بلڪھ هندستان به انهن پابندين مان فائدو ورتو آهي.ان کان پوءِ يورپي ملڪن هندستان ذريعي روسي خام تيل خريد ڪرڻ شروع ڪيو. هندستان هاڻي سڀ کان وڏو تقسيم ڪندڙ بڻجي چڪو آهي .
ھندستاني بچاءَ واري وزارت موجب ھندستان 84 ملڪن کي هٿيار برآمد ڪري ٿو. يوڪرين انهن مان هڪ آهي.سامان ۾هيلمٽ ۽ بلٽ پروف جيڪٽ سميت مختلف فوجي سامان شامل آھي.