اسلام آباد(م ڊ) حڪمران اتحاد ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) وچ ۾ مشاورتي عمل جاري آهي ۽ امڪان آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي نئين اجلاس ۾ آئيني ترميمن جي منظوري ڏني ويندي.ذريعن موجب آئيني ترميمن لاءِ متفقه مسودو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، ترميمون سياسي پارٽين ۾ مڪمل رابطا ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ پيش ڪيون وينديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ راءِ طلب ڪري ورتي آهي، ليگل ونگ آڪٽوبر جي شروعات ۾ ٻنهي ايوانن جو اجلاس سڏائڻ جي راءِ ڏني آهي.حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي نون اجلاسن ۾ آئيني ترميمن جي منظوري ڏني ويندي.