ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي صدر ۾ نعمان سينٽر جي بيسمينٽ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. تفصيل موجب ڪمرشل سينٽرصدر ۾ نعمان سينٽر جي بيسمينٽ جي ميٽر روم ۾ باهه لڳي وئي، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملو ۽ لاڳاپيل ادارا پهچي ويا، جتي امدادي ٽيمن پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو. نعمان سينٽر جي بيسمينٽ ۾ موٽرسائيڪلون، رڪشا ۽ گاڏيون بيٺيون آهن، جيڪي باهه لڳڻ سبب متاثر ٿيون. شروعاتي اطلاعن موجب باهه عمارت جي بيسمينٽ ۾ ميٽر روم ۾ لڳي. ان دوران عمارت ۾ دونهون پکڙجي ويو، جنهن سبب فائر برگيڊ عملي کي آپريشن ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. فائر برگيڊ عملدارن موجب باهه لڳڻ سبب عمارت جي بيسمينٽ ۾ بيٺل 3 گاڏيون، هڪ رڪشا ۽ هڪ موٽرسائيڪل مڪمل طور سڙي رک ٿي ويون باهه تي ضابطو آڻڻ بعد عمارت ۾ ڪولنگ جو عمل جاري آهي. ڀريل دونهن کي هٽائڻ لاءِ هڪ وڏو ايگزاسٽ فين استعمال ڪيو پيو وڃي.