اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان 200 يونٽن تائين جو ٽن مهينن وارو رليف 30 سيپٽمبر تي ختم ٿي ويندو. پهرين آڪٽوبر کان بنيادي ٽيرف في يونٽ 7.12 رپين تائين وڌي ويندو. ذريعن موجب 100 يونٽ جي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 7.11 رپيا وڌي 23.59 رپيا ٿي ويندو ۽ 101 کان 200 يونٽ تائين جي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 7.12 رپيا وڌي 30.07 رپيا ٿي ويندو. هڪ کان 100 يونٽ تائين جي پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 3.95 رپيا وڌي 11.69 رپيا ٿي ويندو ۽ 101 کان 200 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 4.10 رپيا وڌي 14.16 رپيا ٿي ويندو. ماهوار 50 يونٽ تائين لائيف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ ٽيرف 3.95 رپيا برقرار رهندو، ماهوار 51 کان 100 يونٽ تائين لائيف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ ٽيرف 7.74 رپيا برقرار رهندو. وفاقي حڪومت جولاءِ ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف في يونٽ 7.12 رپيا وڌايو هو پر حڪومت واڌ سان ماهوار 200 يونٽ تائين جي واهپيدارن کي 3 مهينن لاءِ ڇوٽ ڏني هئي.