بدين (ن ع آ ) عوامي آواز ۾سرڪاري دوائون وڪرو ٿيڻ جي انڪشاف واري خبر جو عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين نوٽيس وٽندي ٽن ماڻهن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي جاچ ٽيم ۾ ايڊيشنل ڊي ايڇ او (ايڊمن اينڊ اڪائونس) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس بدين ڊاڪٽر ظھور احمد عباسي کي چيئرمين جڏهن ته ٽي ايڇ او (ايڇ ڪيو) ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ممتاز علي چانڊيو کي ميمبر طور مقرر ڪندي ٽن ڏينھن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، صحت کاتي جي نوٽيس کانپوءِ ڊرگ انسپيڪٽر دلاور جسڪاڻي پاڻ کي بچائڻ لاءِ مصروف ٿي ويو، عوامي آواز کي اھم ذريعن ٻڌايو آهي ته ڊرگ انسپيڪٽر خلاف سڄي بدين ضلعي ۾ ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن کي شڪايتون ھنيون پر ڪير به کلي سامھون نه ايندا هئا، عوامي آواز جي رپورٽ سرڪاري دوائون کپائيندڙ ۽ غير قانوني اسٽور ھلائيندڙن کان منٿليون وٺڻ وارن جو گهيرو تنگ ٿي ويو آهي.