خانپور ويجھو ھڪ ئي ڪٽنب جي چئن عورتن سميت 8 ڄڻا مبينا اغوا

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) خانپور ويجھو ھڪ ئي ڪٽنب جا عورتن سميت 8 ڄڻا مبينا طور اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، واقعي بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو تفصيل موجب خانپور لڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان سکر جي مائڪرو ڪالوني واسي چئن عورتن سميت 8 ڄڻن جي اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آھي ته اغوا ٿيلن ۾ امبرين سيال، ساره سيال، عائشا سيال، مجيب سيال ۽ فھيم حيدر سيال شامل آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته ھڪ ئي ڪٽنب جي ماڻھن کي ڌاڙيلن پاران رشتي جي بھاني دوکو ڏئي اغوا ڪيو ويو، ٻئي پاسي واقعي جي اطلاع کانپوءِ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي پوليس ٿرٿلو مچي ويو ھو، ذريعن مطابق پوليس راڄوڻي ڪوشش تيز ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.