منڪي پاڪس جو مريض فوت، 69 شڪي ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ منڪي پاڪس متاثر مريض جي  فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت تائين منڪي پاڪس جا 6 ڪيس سامهون آيا آهن، هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي کيس ايڇ آءِ وي به هو. هن وقت تائين ملڪ ۾ منڪي پاڪس جا 69 شڪي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پوليو ڪيسز بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر انوار الحق ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن سال 335 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي، 67 ضلعن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ 21 پوليو ڪيس سامهون آيا آهن. بلوچستان ۾ 20، سنڌ ۾ 18، ڪي پي ڪي ۾ 14، پنجاب جا 13 ضلعا پوليو وائرس سبب متاثر ٿيا، مهم دوران 4 پوليو ورڪر شهيد ٿي ويا. پوليو مهم ۾ هن سال به ٻارڙا ويڪسين کان محروم رهيا آهن، بلوچستان جي قلعي عبدالله ۾ سڪيورٽي سببن جي ڪري مهم متاثر ٿي.

  1. مخصوص سيٽن جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين: عرفان صديقي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ن ليگ مخصوص سيٽن جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ عرفان صديقي چيو آهي ته پارليامينٽ معاملي کي ڏسندي، اسان اهو نٿا ڪري سگهون، حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) مخصوص سيٽن جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ عرفان صديقي مخصوص سيٽن جي معاملي تي چيو ته ان کي پارليامينٽ ۾ کڻي وڃي سگهون ٿا ۽ مخصوص سيٽن جي معاملي تي نظرثاني اپيلن کان پهرين حڪومت کان عملدرآمد جي اميد رکي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاملي کي پارليامينٽ ڏسندي، اسان اهو نه ٿا ڪري سگهون، رڳو هڪ ڳالهه قبول ڪريون ته 8 جج چئي چڪا آهن.ان کان علاوه ن ليگ اڳواڻ پي ٽي آءِ جي حوالي سان چيو ته اهڙي پارٽي کي رليف ڏنو ويو جيڪا مخصوص سيٽن جو مطالبو کڻي ئي نه وئي. ن ليگ اڳواڻ اهو به چيو ته اها پارٽي نه سپريم ڪورٽ وئي ۽ نه ئي ڪنهن هاءِ ڪورٽ ۾ وئي.

  1. ڪراچي ۾ پوليس پاران مقابلي بعد 5 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽر ) الفلاح ۽ شارع نورجهان پوليس مقابلي بعد 3 زخمين سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. الفلاح  پوليس ملير جي الفلاح شاهين اسڪول ويجهو ڪار لفٽر گروپ سان مبينا مقابلي بعد 2 ڦورن کي زخمين سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار کي زخمي حالت ۾ ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ 30 ورهين جي شهزاد ولد محمد حسين جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي گرفتار جوابدار پنهنجو نالو آصف ٻڌايو آهي، جوابدار وٽان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ چوري ڪيل 3 ڪارون هٿ ڪيون ويون آهن. جوابدار رات جي اونداهي ۾ الفلاح، شاهه فيصل ۽ ماڊل ڪالوني جي علائقن مان ڪارون چوري ڪندا هئا. ٻئي طرف شاھراھه نور جهان پوليس نارٿ ڪراچي شادمان نمبر 1 سيڪٽر 14/B AA پکوان وٽ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات مبينا مقابلي بعد 2 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ شهري پڻ زخمي ٿي پيو. گرفتار جوابدار ۽ شهري کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.