پ پ سنڌ ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ڏيڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد ( رپورٽر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي ، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ڏيڻ ۾ سھولتڪار  بڻيل آهي. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل تباھ ڪرڻ چاھي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائٽس آھي۔ ايڇ آئي ويز ۽ ريبيز جون دعوائون ڪو نه  آھن۔ منشيات، گٽڪو، مين پڙي ۽  ٺري جا اڏا مقامي پيپلزپارٽي جي حڪومتي ڌر جا ماڻهو ويٺا ھلائين ۽ پوليس جا ڪجهھ مقامي آفيسر انھن سان گڏ آھن، تنھن ڪري عالمي ليول تي سنڌ جي تصوير کي ميرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ جا ماڻھو امن پسند آھن، دھشتگرد ناهن، اياز لطيف پليجي چيو ته ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي. زرداري ليگ کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا به پرواھه نه آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ زرداري ليگ ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي اياز لطيف پليجو  چيو ته پاڻ سڀ تبديلي جي ڳالهھ ته  تمام زبردست ڪندا آھيون مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي ته پوءِ پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ  ڪرپٽ، چور، ڀوتارن، سردارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ زرداري ليگ جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون،  پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيو، مھانگائي ، بدامني جي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.