اسٽيبلشمينٽ کي جناح، باچا خان، جي ايم سيد، ڀٽو ۽ بلوچن کان معافي وٺڻ گهرجي:ايمل ولي

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ). عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته ملڪ جو باني قائد اعظم محمد علي جناح رياست جو پھريون قيدي هو، باچا خان کان وٺي فاطمه جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، ولي خان، جي ايم سيد ، بلوچستان، پختونستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان ڪيل زيادتين ۽ ظلمن تي فوج کي پشيمان ٿي قوم کان معافي وٺي اڳتي  غلطيون نه ڪرڻ جي خاطري ڪرڻ گهرجي ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسان سنڌ سان گڏ آهيون، سنڌ ۽ پختونستان جو اهو گڏيل مسئلو آهي، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي طالبان ۽ پاڪستان جي فوج گڏجي  پختونخواہ جي حڪومت ٺاهي ڏني، ڪي پي ڪي کي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو، هاڻي به پي ٽي آئي ۾ رٽائرڊ ۽ مري ويل جرنيلن جا ڏوهٽا ۽ پوٽا ويٺا آهن، ان پي ٽي آئي ڪي پي ڪي حڪومت افغانستان مان 40 هزار دهشتگردن کي ڪي پي ڪي واپس گهرايو، 200 گرفتار خطرناڪ دهشتگردن کي آزاد ڇڏي ڏنو ۽ ڪي پي ڪي جي اڌ حصي تي هاڻي دهشتگردن جو قبضو آهي، عوامي نيشنل پارٽي ڪڏهن به عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي جعلي حڪومت ۽ سياست کي قبول نه ڪيو آهي، پاڪستان تحريڪ طالبان هڪ ئي فڪر جو نالو آهي ان ڪري  مستقل ۾ به کيس حقيقت سمجهي قبول نه ڪيو ويندو ، پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ ۾ موجود لکين ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ آئيني عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ ريٽائر ٿيندڙ ملازمن کي پينشن ڏيڻ لاءِ پئسا نه آهن، ان ڪري هر ملازم جي نوڪري ختم ٿيڻ واري مدي ۾ ٽن سالن جي عمر جو اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ جو وڏو مسئلو معاشي تباهي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاري ناڻي کي قبول ڪيو وڃي ۽ ڪراچي شهر ڪنهن هڪ مخصوص قوم جو شهر نه پر سڀني قومن جو گڏيل شهر آهي. هن اهي ڳالهيون  ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪلب طرفان منعقد ٿيل (پريس سان ملاقات ) ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ۽ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيون. هن چيو ته اسان جي رياست آمريڪا کان ڪروڙين ڊالر وٺي افغانستان جي سرحد جا رستا کولي رکيا، جتان آيل لکين افغان پناهگيرن کي رهائڻ جا به ڪروڙين ڊالر ورتا ملڪ ۾ دهشتگردي کي هٿي  ڏني وئي، هاڻي 40 سالن واري تاريخ واپس ٿي رهي آهي، اڳي روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ ڪري افغانستان تباہ ٿيو هو ۽ هاڻي وري اتي گرم پاڻي تائين پهچ لاءِ چين ۽ آمريڪا آمهون سامهون آيا آهن ۽ هن دفعي اها جنگ افغانستان ۾. نه پر پاڪستان ۾ وڙهي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي روس خلاف جنگ، افغانستان جي دهشتگردن کي پاڪستان پناه ڏيڻ، تربيت ڏيڻ ۽ آمريڪا طرفان طالبان خلاف جنگ مان ملڪ جي رياست اربين ڊالر ڪمايا ۽ سموري ملڪ ۾ ڊالرن عيوض دهشتگردي کي فروغ ڏنو. اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن جي حڪومت آهي ۽ جيڪڏهن ملڪ جي رياستي ادارا آمريڪا جي خواهش تي هلندا ته نئين جنگ جي وچ ۾ بلوچن ۽ پختونن جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته ايوب خان، يحيي خان، ضياء ۽ پرويز مشرف مري ويا آهن، پر انهن جو ادارو موجود آهي، جنهن کي پنهنجي غلطين ۽ زيادتين تي جناح، فاطمہ جناح، باچا خان، جي ايم سيد، بلوچ سردارن ۽ عوام  کان معافي وٺي ٻيهر ظلم زيادتيون نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آئي کي ملڪ جي دفاعي ادارن حڪومت وٺي ڏني، جيڪا ملڪ ۽ ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي ذميوار آهي، تحريڪ طالبان ۽ تحريڪ انصاف هڪ ئي فڪر جا ٻه گروپ آهن، هڪ جو  وحشي ته ٻئي جو سياسي چهرو آهي. ايمل ولي خان چيو ته ملڪ اندر معاشي ترقي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان تڪرار ختم ڪري واپار کي هٿي وٺرائي وڃي، ڪاري ناڻي کي قانوني شڪل ڏني وڃي، بيورڪريسي، وزيرن ۽ ٻين جا شاهي خرچ بند ڪيا وڃن، ڇو ته آخر ڪيستائين ملڪ پرڏيهي قرضن تي هلندو. اي اين پي اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ ريٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڏيڻ لاءِ رقم موجود نه آهي، ان لاءِ هر ملازم جي عمر جي حد ٽي سال وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ وٽ لکين ڪيس ٻڌڻ لاءِ پيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ اهي ڪيس هلائي رهي آهي، جنهن سان کين ميڊيا تي پذيرائي ملي ٿي، ان لاءِ هڪ آئيني عدالت جوڙڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪراچي ڪنهن به هڪ قوم جو شهر نه آهي، اهو هتي رهندڙ سڀني قومن جو گڏيل شهر ۽ ملڪ جو معاشي حب آهي، پاڪستان ۾ اسلام آباد ۽ ڪراچي سموري پاڪستان جا شهر آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اي اين پي جلد ملڪ جي سياسي ۽ معاشي مسئلن تي سڀني جماعتن جي گڏيل ڪانفرنس گهر آئيندي ۽ عمران خان کي مولانا فضل الرحمان جي روپ ۾ هڪ ٻيو والد ملي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن صاف شفاف چونڊون ٿين ها ته پي ٽي آئي جي سياست جو وجود نه هجي ها ۽ جلد ان نقلي هٿرادو تيار ٿيل حڪومت ۽ سياست جو خاتمو ٿيندو ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي مہمان جو استقبال ڪندي چيو ته ولي خان جنرل ضياء جي حمايت ڪئي ۽ جنرل ضياء ملڪ تباھ ڪري ڇڏيو، اميد ته اي اين پي هاڻي وڌيڪ بهتر سياست ڪندي، جڏھن ته ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته ايمل ولي خان ڪراچي پريس ڪلب جي دعوت قبول ڪري ڪراچي جي صحافين کي پنهنجو سياسي موقف پيش ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس کان اڳ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان ۽ شاهي سيد کي ڪلب طرفان اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.