پي آءِ اي جا واڪ پهرين آڪٽوبر تي ٿيندا: نجڪاري ڪاميٽي چيئرمين

اسلام آباد (م ڊ) نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين موجب پهرين آڪٽوبر تي پي آءِ اي جا واڪ ٿيندا. قومي اسيمبلي جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين فاروق ستار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي  آءِ اي جي نجڪاري تي غور ڪيو ويو. فاروق ستار چيو ته واڪ سڌي ريت ڏيکاريا ويندا ۽ ڪاميٽي جا ميمبرر به واڪ ڏسندا، واڪن ۾ 6 پارٽيون شريڪ ٿينديون، ريزرو پرائيس واڪ کانپوءِ ٻڌائي سگهون ٿا. واڪن جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي. پي آءِ اي جي خريدار کي پهرئين سال 70 ارب رپيا سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، جهازن جي مرمت سميت ٻين آپريشنن کي بحال ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.