چين جي 75 سالن جو ترقي جو سفر مثال آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين پائيدار ترقي، قابل تجديد توانائي، ڊجيٽل ڪنيڪٽيوٽي ۽ صنعتي منصوبن تي ڪم جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي جمهوريه چين جي 75هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي چين جي  قونصل جنرل يانگ يونڊونگ پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي پڻ مبارڪباد ڏني. مراد علي شاهه چيو ته دورانديشي قيادت ۾ چين جو 75 سالن جو ترقي جو سفر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن لاءِ مثال آهي. چين گهٽ عرصي ۾ جيڪا تيز رفتار اقتصادي ترقي، ٽيڪنالاجي ترقي ۽ سماجي ترقي ڪئي آهي اها ڪنهن سنگ ميل کان گهٽ ناهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جا تاريخي ۽ مضبوط سفارتي لاڳاپا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي رهيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ چيئرمين مائوزي تنگ جو لاڳاپو پاڪ چين پارٽنرشپ جو سنگ بنياد رکڻ ۾ اهم آهي.  شهيد بينظير ڀٽو ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي قيادت سان به ويجها لاڳاپا پيدا ڪيا ۽ هاڻ نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري به چين کي برادر ملڪ ۽ دوست سمجهي ٿو. وڏي وزير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ چين سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. سي پيڪ پاڪستان ۽ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ڀائيواري ۾ سنڌ سڀ کان اڳيان آهي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته انفراسٽرڪچر، صنعت، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپا گڏيل ويزن جي عڪاسي ڪن ٿا. چين جي ماهرن ۽ سنڌ جي وسيلن کي گڏ ڪري عوام جي روشن مستقبل لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين قوت ملي آهي. اسان آڪٽوبر ۾ اسلام آباد-شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جا منتظر آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.