عمرڪوٽ (ڊ ر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ واري واقعي جي ايف آءِ آر تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ 19 ڄاتل ۽ 15 اڻڄاتلن سميت 34 جوابدارن کي شامل ڪيو ويو آهي. مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي سالي ابراهيم ڪنڀر جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ مولوي احمد شاھاڻي، محبوب ساند، رياض پنھور، امجد پنھور، غمشاد پنھور، نورحسن پنھور، غلام مجتبيٰ پنھور، صيفل پنھور، ارشد سميجو، عليم سميجو، سليم ساند، شير علي پنھور، ميوو سميجو، نويد پنھور، فقيرو پليجو، معشوق خاصخيلي، بدرو پنھور ۽ غفار رانگڙ کي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ 15 اڻڄاتل جوابدار به شامل آهن. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي پوليس لياري مان گرفتار ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن تي لاش سامهون آيو ۽ ان لاش جي تذليل ڪري باهه ڏئي ساڙيو ويو. ايف آءِ آر ۾ مک جوابدار مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام مولوي احمد شاھاڻي کي ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مولوي احمد شاھاڻي جي بڇ تي شرپسندن لاش قبر مان ڪڍي مٿان پيٽرول ھاري باھه ڏئي ساڙيو، فريادي وڪيل ابراھيم ڪنڀر جي فرياد تي تعلقه ٿاڻي تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾قلم 114، 297، 296 ۽ 341 شامل ڪيا ويا آهن.
ڊاڪٽر شاهنواز واقعي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشنون داخل
عمرڪوٽ(ڊ ر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۽ لاش جي تذليل ڪري باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نامياري وڪيل علي پلھه ۽ بئرسٽر فرخ بشير ڪنڀر ڌار ڌار پٽيشنون داخل ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ وڪيل علي پلهه داخل ڪيل پٽيشن ۾ ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص اسدعلي چوڌري ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل عدالت کان مٿانهون(ايڪسٽرا جڊيشل مرڊر) آهي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي ساڙڻ انساني حقن جي لتاڙ ۽ بيحرمتي آهي. ان جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. پٽيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ شامل پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙيندڙ ۽ لاش جي بيحرمتي ڪندڙن خلاف پڻ ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان پٽيشنر وڪيل علي پلھه جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس ميرپورخاص ۾ داخل هجڻ سبب ڪيس ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ موڪليو ويو آهي. جتي ايندڙ سومر تي ٻڌڻي ٿيندي.
پ پ سنڌ ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ڏيڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد ( رپورٽر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي ، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ڏيڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آهي. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل تباھ ڪرڻ چاھي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائٽس آھي۔ ايڇ آئي ويز ۽ ريبيز جون دعوائون ڪو نه آھن۔ منشيات، گٽڪو، مين پڙي ۽ ٺري جا اڏا مقامي پيپلزپارٽي جي حڪومتي ڌر جا ماڻهو ويٺا ھلائين ۽ پوليس جا ڪجهھ مقامي آفيسر انھن سان گڏ آھن، تنھن ڪري عالمي ليول تي سنڌ جي تصوير کي ميرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا ماڻھو امن پسند آھن، دھشتگرد ناهن، اياز لطيف پليجي چيو ته ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي. زرداري ليگ کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا به پرواھه نه آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ زرداري ليگ ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي اياز لطيف پليجو چيو ته پاڻ سڀ تبديلي جي ڳالهھ ته تمام زبردست ڪندا آھيون مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي ته پوءِ پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ ڪرپٽ، چور، ڀوتارن، سردارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ زرداري ليگ جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون، پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيو، مھانگائي ، بدامني جي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.
ڊاڪٽر شاهنواز قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي خاندان کي تحفظ ڏيو: سول سوسائٽي
عمرڪوٽ (خاص عيوضي) انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي ، حيدرآباد جي سول سوسائٽي ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جو وفد بيدردي سان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي تڏي تي پهتو. وفد ۾ نامياري ليکڪه ۽ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو، ايڇ آر سي پي جو اڳواڻ ڊاڪٽر امداد چانڊيو، حيدرآباد روشن خيال فورم جو اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو، سليم جروار، ماروي اعواڻ، بختاور ڄام، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي، حسين مسرت شاهه، فهميده جروار، واجد لغاري ۽ ٻيا شامل هئا. جن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي والد ۽ ٻين سان تعزيت ڪندي واقعي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سول سوسائٽي جي نمائندن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي بيرحماڻي قتل ۽ سندس لاش جي تذليل ڪري ساڙڻ واري واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، پوليس ۽ شرپسند ماڻهن کي پنهنجي عدالت لڳائي ماڻهو مارڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي، ڊاڪٽر شاهنواز جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو هو ته ان لاءِ قانون ۽ عدالتون موجود آهن. پر ڊاڪٽر شاهنواز کي گوليون هڻي ماري سندس لاش جي تذليل ڪري قانون هٿ ۾ کنيو ويو. هنن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪندڙ ۽ لاش ساڙي تذليل ڪرڻ ۾ جيڪي به ملوث آهن اهي سڀ جوابدار لاڪپ ۾ هجڻ گهرجن. شرپسندن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مقتول جي خاندان کي تحفظ ڏنو وڃي. هنن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل انسانيت جو قتل آهي. لاش ساڙڻ انسانيت جي توهين آهي. هن دردناڪ واقعي خلاف هر محاظ تي آواز اٿاريو ويندو. هنن گهر ڪئي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۽ فساد پکيڙڻ توڙي ماڻهن کي انتشار ڏانهن وٺي وڃڻ واري سموري عمل جي جاچ لاءِ عدالتي جاچ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، شفاف جاچ ٿيڻ سان ئي وارثن کي انصاف ملي سگهي ٿو، ان ڪري هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ سميت ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي رڳو معطل نه ڪيو وڃي پر سندن نوڪريون به ختم ڪيون وڃن ۽ انهن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهي شفاف جاچ ۾ مداخلت ڪندا، وارثن کي ڌمڪائيندا ۽ ڊيڄاريندا رهندا. ڊاڪٽر شاهنواز جي خاندان کي هن وقت به ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو پيو وڃي، هو خوف ۾ ورتل آهن.
شاھنواز جو قتل هن نظام جي منهن تي چماٽ آھي: امير آزاد پنھور
عمرڪوٽ(ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو نائب صدر امير آزاد پنھور وفد سان گڏ پارٽي ھدايتن تي پنج ڏينھن اڳ ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن سان تعزيت لاءِ عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ جانھيرو پھتو، جتي ھن مقتول ڊاڪٽر جي والد صالح ڪنڀر ۽ پوئنرن سان ڏک ونڊيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي امير آزاد پنھور چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل هن نظام جي منهن تي چماٽ آھي، ڪنھن تي ڪو الزام لڳي ٿو ته ان کي عدالت ۾ ثابت ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ھن وقت پاڪستان ۾ 7 سئو ماڻھن تي توھين رسالت جا ڪيس ھلن پيا. انھن ۾ ڪن کي سزائون آيون آھن ته ڪي بري ٿيا آھن، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر 18 گريڊ جو آفيسر ھو. سندس خاندان پڙھيل لکيل ماڻهن جو خاندان آھي، ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۽ سي آئي اي انچارج ميرپورخاص سميت سمورن ملوث ڪردارن کي گرفتار ڪري جاچ ھيٺ آندو وڃي. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي اجرڪون پارايون ويون ۽ پوليس آفيسرن اهو استقبال قبول ڪندي داد وصول ڪئي. جنهن سان ثابت ٿيو ته پوليس آفيسر اهو تسليم ڪن ٿا ته قتل اسان ڪيو آھي. ھن چيو ته ايس يو پي عدالت کان مٿانھن قتلن کي رد ڪري ٿي. عمرڪوٽ ۾ جيڪو انتشار پيدا ٿيو ان جي ذميوار عمرڪوٽ جي پوليس ۽ انتظاميا آھي. انتظاميا خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن وارثن سان انصاف ٿي سگھي. ان موقعي تي ايس يو پي ضلعي عمرڪوٽ جو صدر گل بجير، مير معشوق پلي، قاضي غلام حسين ڪنڀار، چيتن مالھي، شڪيل ڪنڀر ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.
نوشهروفيروز ۾ جسقم جو ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل خلاف ڏيئا ٻاري احتجاج
نوشهروفيروز ( ن ع آ ) جسقم سٽي نوشهروفيروز پاران شھيد ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ناحق قتل خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز سامھون ڏيئا ٻاري احتجاج ڪيو ويو. ڪارڪنن شھيد ڊاڪٽر شاھنواز جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاريا ۽ گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ضلع چيف آرگنائيزر امتياز آزاد کوسو، اياز راڄپر، اسد عمراڻي، مھر وسطڙو، ياسين سومرو، جنيد، منير وسطڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ مذھبي انتھا پسندي جي ور چڙھي وئي آھي. اھو سبب آھي جو ھڪ انسان ترس ڊاڪٽر شاھنواز مٿان ڪوڙي تھمت ھڻي شھيد ڪيو ويو. ھنن چيو ته پوليس جو ڪم جوابدار گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ ھو پر پوليس آئي ڪرڻ بجاءِ پنھنجا ھٿ قتل ۾ رڱيا. ھنن چيو ته اسان پوليس جانچ ڪميٽيءَ کي رد ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته قتل جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي ۽ عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي ملوث سمورن پوليس عملدارن ۽ ڊي آئي جي کي شامل ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
پير عمر جان سرهندي واقعي جو مُک ڪردار آهي: يوٿ ايڪشن ڪاميٽي
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، يُوسف خاصخيلي، حمز چانڊيو ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سيڪيولر سنڌ مٿان ڪنهن به صورت ۾ شدت پسندي ۽ جنونيت کي هٿي ڏيندڙ ماڻهن جو قبضو قبول ناهي، ڊاڪٽر شاهنواز واقعي جي مک ڪردار پير عمر جان سرهندي، عمر ڪوٽ ۽ ميرپور خاص پوليس خلاف اڄ عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. هنن چيو ته پوليس ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪٽنب کي مسلسل هراسان ڪري رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايس پي ميرپور خاص، ايس ايڇ او ۽ عمر جان سرھندي، ايم اين اي امير علي شاهه ۽ ٻين سمورن ملوث ماڻھن ۽ اھلڪارن کي بچائڻ لاءِ سمورا ڊراما ڪيا پيا وڃن، سنڌ جو هر باشعور ماڻهو، ساڃاهه وند ذهن ۽ سياسي سماجي ڌريون وڏي واڪي اها گهر ڪري رهيا آهن ته ڄاڻايل ڪردارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن وري ڪو اهڙو واقعو جنم نه وٺي، اسين شروع کان ئي چوندا پيا اچون ته پير عمر جان سرهندي ھن پرامن علائقي ۾ فرقيواريت کي هوا ڏئي انتشار پکيڙي رهيو آهي. اسان جي احتجاجي تحريڪ ڊاڪٽر شاهنواز جي خون سان انصاف تائين جاري رهندي. اڄ سنڌ جا باشعور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري مظلوم خاندان جو آواز بڻجن ۽ ڏک ۾ ورتل ڪٽنب کي آٿٿ ڏيڻ لاءِ عمرڪوٽ پهچن.