راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مڪمل پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي، هن وقت ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي مارشل لا کان به سخت مارشل لا آهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو، پي ٽي آءِ کي اليڪشن کان ٻاهر رکڻ ۽ پارٽي کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻي سڀ ڪجهه بي نقاب ٿي ويو آهي، جمهوري طريقي سان ڪيس هلائڻ لاءِ پريڪٽس ۽ پروسيجر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.عمران خان احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته هو خميس تي عدليه جي آزادي جي حق ۾ احتجاج ڪندا، جمعي تي اسان جو پنهنجو احتجاج آهي، ڇنڇر تي راولپنڊي ۾ جلسو ڪنداسين.اڳوڻي وزيراعظم الزام هڻندي چيو ته ماتحت عدليه مڪمل طور تي انهن جي قبضي ۾ آهي، ڪنٽرول ۾ نه ايندڙ جج کي بدلي ڪيو ويندو آهي، جڏهن جج 9 مئي جي ڪيسن جا فيصلا ڏيڻ شروع ڪيا ته ان کي به بدلي ڪيو ويو.