لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون کي اڪنامڪ اسپيشل زون جو درجو ڏنو آهي: اڪرام ڌاريجو

ڪراچي (رپورٽر ) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ترقي لاءِ لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون کياڪنامڪ اسپيشل زون جو درجو ڏنو ويو آهي. هن اهڙيون ڳالهيون پنهنجي آفيس ۾ سائيٽ حڪومت سنڌ، اسپيشل اڪنامڪ زون ۽ حڪومت پاڪستان وچ ۾ هڪ معاهدي بابت منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته اڪنامڪ زون جي قيام سان اينگرو بيسڊ مقامي صنعتڪارن کي صنعتون لڳائڻ جا وسيع موقعا ميسر ٿيا آهن، ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾ سائيٽ ايسوسيئشن انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ ترقياتي ڪمن جي مڪمل ٿيڻ جي بعد لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون کي اسپيشل اڪنامڪ زون آف لاڙڪاڻي جو درجو ملڻ جي بعد ان کي مڪمل طور تي سيزا جي حوالي ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير صنعت ۽ واپار  ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته اڪنامڪ زون ۾ سموريون بنيادي سهولتون موجود آهن.  هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواهش آهي ته سنڌ صوبي جي هر ضلعي ۾ صنعتي ترقي ٿئي ڇاڪاڻ ته صنعتي ترقي کان بغير ڪو به ملڪ صحيح معنيٰ ۾ ترقي نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ايم ڊي سائيٽ غضنفر علي قادري پڻ موجود هو.

  1. اسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽ جي بحالي لاءِ 434 ملين رکيا آهن: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻهراڙي ترقي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽجي بحالي لاءِ 434 ملين رپيا رکيا ويا آهن، هي ڪو نئون منصوبو ناهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ رولز تحت ڪم ڪري ٿو ۽ ڪراچي واٽر بورڊ ڪارپوريشن ۽ واسا جي دائري ۾ ناهي، جتي اهي ٻئي ادارا ڪم ڪن ٿا اتي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو ڪم نٿو ڪري. هن وقت تائين 109 ماڻهن کي عدليه جي حڪم تي فوتي ڪوٽا يا 14 سيڪڙو معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون ويون آهن. اڃا گريڊ 1 کان 4 تائين 1000 ملازم ڀرتي ٿي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي  ۾ سوالن جي وقفي دوران اسيمبلي ميمبرن جي لکت ۾ مھيا ڪيل سوالن سميت ضمني سوالن جو جواب ڏيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ضلعي اوڀر ۾ ڪا به پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اسڪيم ناهي ۽ معزز ميمبر ڪارساز بائي پاس اسڪيم جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي اسڪيم آهي. هن چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ حيدرآباد ۾ واسا جي زير انتظام علائقن ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي. سعيد غني چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ تحت هلندڙ اسڪيمن ۾ پاڻي جي ورڇ، لائيننگ، انڊر گرائونڊ ٽينڪ، بجلي جي فراهمي شامل آهن. بن قاسم جي علي اڪبر شاهه ڳوٺ، رمضان ڳوٺ ۽ مائي ڪلاچي ڳوٺ بابت اپوزيشن ميمبر جي ضمني سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته علي اڪبر شاهه ڳوٺ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اسڪيم 2021ع ۾ مڪمل ٿي چڪي آهي، باقي رهيل ڳوٺن ۾ پبلڪ هيلٿ جي ڪائي اسڪيم ئي نه آهي. هن چيو ته ميمبر ڪراچي ۾ نوڪريون نه ڏيڻ جي شڪايت ڪئي آهي، ان ڪري مان صرف ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي ملازمن جو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عوام جو ڪردار تمام گهٽ آهي حيدرآباد واٽر بورڊ جي اچڻ کانپوءِ سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ به واٽر بورڊ ٺهڻ بعد پبلڪ هيلٿ جو ڪم گهٽجي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.