عمران خان جا حامي ريٽائرڊ فوجي نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ کان ڊنل

اسلام آباد (عمر چيما) عمران خان چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي هيڊلائنون ٺهن ٿيون پر دنيا ۾ ڪٿي ائين ناهي ٿيندو جڏهن ته هنن جو سياست ۾ ڪو ڪردار ناهي هوندو. عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت تڏهن ڳالهائي ها ته ٺهي پيو جڏهن هو مقرر ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن ڪم ڪري ها پر هن تڪڙ ڪئي آهي. مسئلو اهو آهي ته عمران خان جا حامي فوج جا ريٽائرڊ ماڻهو به آهن. جن خلاف پڻ ڪارروائي شروع ڪئي وئي هئي. اهڙي ڪارروائي 2 ڀيرا ٿي چڪي آهي ۽ کين تنبيهه ڪري ڇڏيو ويو هو پر اهي مڙيا نه هئا. عمران خان کي انهن حامين ئي شڪايت ڪئي آهي ته جڏهن سندن خلاف ڪارروائي ٿي رهي هئي ۽ پڇا ڳاڇا ٿي رهي هئي ته ان ڪارروائي جي اڳواڻي اهو ئي شخص ڪري رهيو هو جيڪو هاڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻيو آهي. هو سمجهن ٿا ته هاڻي جيڪڏهن هو ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻجي ويو آهي ته هاڻي اسان جو خير ناهي. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان پريشان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.