سنڌ ۾ ڀائيچاري ۽ رواداري جي هڪ نُڪتي تي سڀني ڌرين کي متحد ڪرڻ جي ضرورت آهي

ڪڏهن ڪڏهن ڪي خراب ۽ حادثاتي واقعا قومن کي متحد ٿيڻ جو تمام وڏو موقعو ڏئي ڇڏيندا آهن جيئن هاڻي عمرڪوٽ جي واقعي سنڌ جي سيڪيولر، ڀائيچاري ۽ رواداري جي قائل ڌرين کي متحد ڪري ڇڏيو آهي پر  ان واقعي جي روشنيءَ ۾ هاڻي به سنڌ جي روايتي ڀائيچاري ۽ رواداري جي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ سنڌ جي سول سوسائٽي جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جي نمائندگي ڪندڙ ذميوار فرد شامل هجن تن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ سنڌ جي ڀائيچاري ۽ رواداري جي فضا قائم ڪرڻ واري هڪ نُڪتي تي گڏ ٿيڻو پوندو.

اسان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي کي لاقانونيت جو ڪارڻ سمجهون ٿا. ڇاڪاڻ ته توهين مذهب ۽ توهين رسالت جي قانون جي موجودگي ۾ قانون هٿ ۾ کڻڻ جو ڪو جواز ئي نه هو. بنيادي طور تي اها حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته اها آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي کي قائم رکي. اسان سمجهون ٿا ته انتهاپسند ۽ جذباتي عنصر کي قانون ۽ حڪومت ئي ضابطي ۾ آڻي سگهندي آهي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي واقعي ۾ سنئون سڌو انتها پسندي، لاقانونيت ۽ پوليس جو غير پيشيوراڻو رويو ملوث هو.

اها سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت ان معاملي کي نج قانوني گهرجن تحت ڏٺو آهي ۽ ڪالهه ڊاڪٽر  شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف باقاعدي ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪندڙ ۽ سندس دفنائڻ جي عمل ۾ رنڊڪون وجهندڙ ماڻهن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. سو حڪومت جي هن مسئلي کي قانوني طريقي سن منهن ڏيڻ کي اسان درست ۽ لاقانونيت جي فضا کي ختم ڪرڻ جي اهم اڳڀرائي سمجهون ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لاقانونيت کي قانون ئي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ قانون کي ئي ان معاملي ۾ اڳتي اچڻ گهرجي.

سنڌ حڪومت کي اسان ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل واري واقعي کانپوءِ  جي قائم ٿيل ڇڪتاڻ واري فضا کي ختم ڪرڻ لاءِ به اڳتي اچي وقتائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي وينتي ڪنداسين ته اها سنڌ ۾ رهندڙ سڀني مذهبي ۽ سياسي جماعتن، عالمن ۽ دانشورن، سول سوسائٽي جي نمائندگي ڪندڙ ذميوار  شخصيتن، سماجي اڳواڻن اديبن ۽ صحافين کي گڏ ڪري کين سنڌ ۾ ڀائيچاري ۽ رواداري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏي ۽ ڀائيچاري توڙي رواداري جي هڪ نقطي تي سندن ۾ اتحاد قائم ڪرائي ۽ ان معاهدي لاءِ قائل ڪري ته ڪا به ڌر ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏيندي ۽ نه ئي ان ۾ ڪنهن سان سهڪار ڪندي.

سنڌ اندر حقيقت ۾ ڀائيچاري ۽ رواداري جي فضا لاءِ اهڙي معاهدي جي هونئن ته گهڻو عرصو اڳ کان ضرورت هئي پر هاڻي ته اڻٽر جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اهڙو ڪم موجوده حالتن ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ئي ڪرڻ گهرجي جو ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي اولين ذميواري ان جي ئي آهي. پ پ حڪومت جيڪڏهن جمهوريت، پارليامينٽ ۽ معيشت لاءِ ميثاق ڪرائڻ جي تجويز ڏئي سگهي ٿي ته سنڌ اندر ڀائيچاري ۽ رواداري لاءِ به سنڌ ۾ رهندڙ هر مڪتبه فڪر جي ڌرين سان ميثاق ڪري سگهي ٿي ۽ جڏهن حڪومت اهڙو قدم کڻندي ته پوءِ اسان سنڌ جي سياسي، مذهبي، سماجي، صحافتي ۽ ادبي ڌرين کي به ساڻن سهڪار ڪرڻ جي گذارش ڪنداسين. هونئن ڏسجي ته اهڙو ذميواراڻو ڪردار سنڌ جي ڪا سياسي ۽ مذهبي جماعت به ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي تاريخ ٺاهي سگهي ٿي. تاريخ ٺاهڻ جا اهڙا موقعا به نصيبن وارن کي ملندا آهن ته اهي سنڌ لاءِ ڪو تاريخي  ۽ يادگار ڪم ڪن.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌي جي ڀائيچاري ۽ رواداري جي هڪ نڪتي تي ڪهڙي ڌر ٿي اڳتي اچي اهو تاريخي ڪردار ادا ڪري ٿي. ميدان خالي آهي ۽ ذميوار ڪردار جي گهرج آهي. اسان جي خيال ۾ ان لاءِ سڀ کان بهترين موقعو حڪومت وٽ آهي، ان وٽ طاقت به آهي ته وسيلا به آهن ۽ سنڌ ۾ سندن حڪومت به آهي. سنڌ جي عوام اندر ڀائيچاري ۽ رواداري جي فضا قائم ڪرائڻ لاءِ اسان جو ساڻس سهڪار به رهندو صرف ان رخ ۾ قدم وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڀائيچاري ۽ رواداري لاءِ ميثاق جي گهرج آهي. جنهن ۾ حڪومت سان گڏ سڀني مڪتبه فڪر جي ماڻهن ۽ سول سوسائٽي جي نمائنده فردن کي پڻ اڳتي اچڻ جي دعوت ڏجي ٿي.

حقيقت ته اها آهي ته سنڌ تاريخي طور تي مذهبي ڪٽرپڻي کان آجي امن ڀري صوفين جي ، ڀائيچاري ۽ رواداري جي زمين رهي آهي. سنڌ جي ان عظيم سڃاڻپ کي اصل ۾ ڌاري آباديءَ مسخ ڪيو آهي. غير قانوني طور سنڌ ۾ آيل ڌارين سنڌي عوام جو نه رڳو معاشي استحصال ڪيو آهي پر سنڌين جي عظيم ڀائيچاري ۽ رواداري واري ثقافت کي به ڇيهو رسايو آهي. امرجليل صاحب اڪثر لکندو آهي ته اصل سنڌ ورهاڱي کان اڳ هئي. هيءَ انتهاپسند روين وارن ماڻهن جي سنڌ اصل سنڌ ناهي. ان ۾ ڌارين جو رت ۽ ثقافت جو عنصر شامل ٿي ويو آهي. سو اسان سنڌين کي اصل سنڌ جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جنهن  ۾ امن ۽ سڪون جو جهان هجي. اسان کي اها سنڌ گهرجي جنهن ۾ قتل غارت جو تصور ئي نه هوندو هو ۽ سڀ مذهبي ڌريون ڀائپي برادريءَ ۾ ڪٺو هونديون هيون. اسان کي ان ماضي واري رواداري ۽ ڀائيچاري جي اڄ سخت ضرورت آهي.

باقي جستائين لاقانونيت جي خاتمي جي ڳالهه آهي ته ان لاءِ حڪومت سان گڏ پوليس ۽ عدالتن کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻي پوندي اهڙِي رٽ جهڙِي انگريزن جي دور ۾ چارلس نيپئر قائم ڪئي هئي. اصولي طور تي لاقانونيت تي ڪو ڪمپرومائيز نه هئڻ گهرجي. تنهن ڪري عدالتن کي به لاقانونيت جي واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسان جو خيال آهي ته قانون ئي اصل ۾ هر قسم جي لاقانونيت کي ختم ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو تنهن ڪري ان پاسي به سنجيدگي سان سوچڻ جي گهرج آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.