پ پ جي سياست ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو مستقبل

تحرير: رفيق پٽيل

پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪا ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ متحرڪ سياسي جماعت ھئي،جمھوريت ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجھد ۾ سڀ کان اڳڀري تصور ڪئي ويندي ھئي، ھن وقت ُسسِي ڪري سنڌ تائين محدود ٿي وئي  آھي.ٻين صوبن ۾ عوامي سطح تي اھا انتھائي ڪمزور ٿي چڪي آھي،اھا پنھنجي عوامي ساک برقرار رکڻ ۾ ناڪامي کي منھن ڏئي رھي آھي.جنھن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ ٻين جماعتن سان گڏجي ڪري مارچ 2022 ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ منظور ڪرائي حڪومت جو خاتمو آندو  ھو،ان وقت پيپلزپارٽي عام چونڊن ڪرائڻ کان لنوائڻ ۾ مسلم ليگ ن جو ساٿ ڏئي وڏي غلطي ڪئي ھئي.

جيڪڏھن ان وقت چونڊون ٿي وڃن ھا تھ بلاول ڀٽو وزيراعظم يا گھٽ ۾ گھٽ اپوزيشن ليڊر  ھجي ھا،پيپلزپارٽي گذريل حڪومت ۾ شامل ٿي، پاڻ کي عوامي سطح تي مسلسل ڪمزور ڪيو. پيپلزپارٽي جو ڪارڪن ۽ ووٽر مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد کي ناپسنديدگيءَ جي نگاھ سان ڏسي رھيو آھي ۽ پنھنجي اصل پيپلزپارٽي جي ڳولا ۾ آھي،ھن وقت پيپلزپارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو وٽ آھي،موجوده آئيني ترميمون ۽ عدليھ سان تڪرار سان بلاول ڀٽو جي ساک ويتر متاثر ٿي آھي۽ مٿس منفي اثر پيا آھن،بلاول ڀٽو وٽ ٻھ رستا آھن يا تھ ھو موجوده حڪمرانن کي ڪمزور ڪري ۽ ايندڙ ڪنھن مرحلي تي ٻڏي ويندڙ ٻيڙي ۾ سوار رھي يا وري عوامي سياست جو رستو اختيار ڪندي پيپلزپارٽي کي ھڪ دفعو وري چئني صوبن ۾ سگھارو بنائڻ جي ڪوشش ڪري،جيڪو ھڪ ڏکيو ۽ ڊگھو سفر ھوندو، ان لاءِ ھو ھن حڪومت کان جدا ٿي ان جي مخالفت ڪرڻ وارو جرئت ڀريو قدم کڻي سگھي ٿو.ھي ان جو ۽ پيپلزپارٽي جو امتحان آھي،مسلم ليگ ن حڪومت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنھنجي عوامي حمايت کي لڳ ڀڳ ختم ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان ڳالھھ جو امڪان بنهھ گھٽ آھي تھ ،مريم نواز مستقبل ۾ ڪو اھم ڪردار ادا ڪري سگھندي، پنجاب ۾ اھا بيساکين تي بيٺل آھي ۽ سندس جماعت تيز رفتاري سان پنھنجو وجود وڃائي رھي آھي.

ايندڙ وقت انھن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آھي،تحريڪ انصاف جي باني جو جيل اندر موت جو خدشو سندس ڀيڻ عليمھ خان  ظاھر ڪري چڪي آھي.جيڪڏھن عمران خان جو موت جيل ۾ ٿي وڃي ٿو، اھڙي صورت ۾ ان جا سمورا الزام موجودھ حڪمران جماعتن ۽ انھن کي بيساکيون مُهيا ڪندڙن تي ايندو.جڏھن اھو ملبو انھن سمورن  ماڻھن تي ڪرندو تھ شايد مسلم ليگ ن پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ان جو بار سھي نھ سگھنديون.مجموعي طور تي ملڪ جون حالتون بھ بي يقيني جو شڪار آھن.

ھڪ طرف ملڪ جو عوام مھانگائي بي روزگاري ۽ بنيادي سھولتن کان محرومي سبب شديد پريشان آھي،ٻئي پاسي پاڪستان جي سياست ۾ ڳڻتي واري ڪيفيت ڇانيل آھي ۽ جيڪا تصوير عالمي سطح تي وڃي رھي آھي،ان سان پاڪستان جي سٺي ساک نھ پئي جڙي،ائين لڳي ٿو تھ جھڙوڪر موجوده افراتفري ۽ وڳوڙ واري ڪيفيت مان ٻاھر ڪڍڻ جي لاءِ ڪا بھ حڪمت عملي ملڪ جي منتظمن وٽ نھ آھي.دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن جو ڌيان پنھنجي عوام جي خوشحالي،ڀلائي ۽ انھن کي بااختيار بڻائڻ ڏانھن رھندو آھي ۽ ان کي ملڪ جي معيشيت جي ڦيٿي کي تيز ڪرڻ لاءِ متحرڪ رکيو ويندو آھي،انھن ملڪن ۾ اعلي! تعليم،ٽيڪنالوجي،صحت ۽ مواصلات جي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري رھنديون آھن.

پاڪستان ۾ ھڪ جلسي يا سياستدانن جي تقريرن تي ردعمل جون خبرون ۽ تبصرن جو سلسلو ملڪ جي ميڊيا تي حاوي آھي،جلسي جي موقعي تي رستن بند ڪرڻ ۽ گرفتارين،پارليامينٽ ۾ چونڊيل نمائندن جي گرفتارين جي رپورٽ ۽ انھن جي ترديد وغيره ۽ احتجاج جي اپيل جھڙن واقعن وڌيڪ ڇڪتاڻ جي نشاندھي ڪئي آھي،سمورو ملبو حڪمران طبقي تي ڪري رھيو آھي.دنيا جي نظرن  ۾ اھو مقام حاصل ڪري رھيو آھي،شايد ان جي انھن کي ڪا پرواھ نھ آھي.نھ ئي وري ملي ترقي ۽ خوشحالي جو ڪو رستو نظر اچي رھيو آھي،محسوس ٿي رھيو آھي تھ حڪمرانن جو سمورو زور ان ڳالھھ تي آھي تھ ڪرسي سان وڌ کان وڌ ڪيتري عرصي تائين چھٽيل رھي سگھجي ٿو.جنھن لاءِ ننھن چوٽيءَ جو زور لڳايو پيو وڃي.ملڪن جي ترقي جو فارمولو آسان آھي ۽ ڪيئين ادارا ان باري ۾ پنھنجون تحقيقات منظر عام تي آڻي چڪا آھن.

ھڪ عام ماڻھو جيڪو ايترو خواندھ  ھجي جو انگريزي پڙھي ۽ سمجھي سگھندو ھجي يا انگريزي کي انٽرنيٽ جي ذريعي پنھنجي زبان ۾ ترجمي ڪرڻ جي معمولي بھ صلاحيت رکندو ھجي اھو پڻ اھو معلوم ڪري سگھي ٿو تھ قوم جي ترقي ۾ ڪھڙو عنصر ڪارگر ھوندا آھن، ترقي ڇا آھي ۽ تباھي ڇا آھي ان سلسلي ۾ ليگاتم انسٽيٽيوٽ ھڪ تحقيق ڪئي آھي جنھن کي ھر ماڻھو ان جي ويب سائٽ تي ڏسي سگھي ٿو.ليگاتم انسٽيٽيوٽ برطانوي ٿنڪ ٽينڪ آھي جنھن جو مقصد عوام کي عالمي ،قومي سياست،سماجي مسئلن ۽ معاشي پاليسين جي باري ۾ معلومات فراھم ڪرڻ آھي ، جنھن جو اصل مقصد (مشن )ماڻھن،خاندانن،برادرين ۽ قومن جي ترقي ۽ خوشحالي جي حصول جي لاءِ معلومات جي فراھمي ۽ پنھنجي ڪم جي ذريعي مدد ڪرڻ آھي.

انسٽيٽيوٽ ھڪ انڊيڪس تيار ڪيو آھي جيڪو سڄي دنيا جي اڳواڻن کي اھڙا اصول مرتب ڪرڻ ۾ رھنمائي ڏئي ٿو جنھن ذريعي اھي پنھنجي ملڪ ۾ خوشحالي آڻي سگھن ٿا ۽ ان کي ترقي جي رستي تي وٺي وڃي سگھن ٿا. ان انسٽيٽيوٽ کي 2007 ۾ ڪرسٽوفر چاندلر .مارڪ اسٽولسن،الان ميڪ ۽ فلپ وسيليو قائم ڪيو ھو. ان انسٽيٽيوٽ جي تازي تحقيق ۾ اھا ڳالھھ سامھون آئي آھي تھ رڳو دولت خوشحالي جي علامت نھ آھي، خوشحالي ھڪ اھڙي سماجي جي جوڙجڪ سان ممڪن آھي، جتي بنا امتياز نسل .مذھب،علائقي ۽ طبقي جي سمورن ماڻھن کي اڳتي وڌڻ جو ھڪجھڙو ۽ آزاداڻو موقعو ھجي،معاشرن جي ترقي جي اھم لوازامات ۾ جن اھم نقطن کي شامل ڪيو ويو آھي،انھن۾ ماڻھن کي تشدد،خطرن،ڏوھن ۽ دٻاءَ کان پاڪ پرمان ماحول جو ملڻ ، ٻيو ھر شخص جو وقار،عزت ۽ احترام جو خيال رکيو وڃي، اظھار جي آزادي ھجي، عبادت ۽ اجتماع جي آزادي ھجي. ٽيون آزاد عدليھ جنھن تي حڪومت جو اثر نھ ھجي ۽ آزاد ۽ انصاف ڀريا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد ھجي.چوٿون عوامي مينڊيٽ حاصل ڪندڙن کي اقتدار پرامن طريقي سان منتقل ڪري ڏنو وڃي.پنجون باصلاحيٽ ۽ قانون جي پابند انتظاميھ ميرٽ تي قائم ڪئي وئي ھجي  وغيره ھي ھڪ تفصيلي دستاويز آھي ان کان گڏ گڏيل قومن توڙي سڄي دنيا جي اٽڪل سمورن سياسي ۽ سماجي تحقيقاتي دستاويزن ۾ جيڪو گڏيل قدر آھي، سو آھي سٺي حڪمراني. جڏھن تھ جمھوري ملڪن ۾ اقتدار ۾ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائي ملڪ جي ترقي ڏانھن اڳتي وڌايووڃي ٿو.

ڇا پيپلزپارٽي پنھنجي اندر اھڙي انقلابي تبديلي آڻي سگھي ٿي،جنھن سان حقيقي معني ۾ملڪ تيز رفتار ترقي ڏانھن اڳتي وڌي سگھي.بلاول ڀٽو جيڪڏھن ان ڪم ۾ ناڪام رھيو تھ ڪا ٻي قيادت سندس جاءِ وٺي سگھي ٿي.اھا ڪنھن نئين سياسي جماعت جي صورت ۾پڻ ٿي سگھي ٿي.فرض ڪجي تھ آئينده پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت حاصل ڪري بھ وٺي ٿي تھ اپوزيشن ۾ ھڪ مثبت ۽ موثر قوت جي ضرورت ھوندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.