ڊاڪٽر شاهنواز بي گناهه ماريو ويو، انتهاپسندي خلاف روشن خيال اڳتي اچن

عمرڪوٽ (ڊ ر ) پنج ڏينھن اڳ توھين رسالت جي الزام ھيٺ سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن سان ھمدردي لاءِ عوامي تحريڪ جو وفد وسند ٿري جي قيادت ۾ عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ جانھيرو پھتو، وفد ۾ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور احمد ڪاتيار ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنسا پليجو شامل ھئا، وفد  پاران مقتول ڊاڪٽر جي گھر پھچي والد صالح ڪنڀر ۽ پوئنرن سان تعزيت ڪئي، ان بعد وفد پريس ڪلب عمرڪوٽ پھتو جتي صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي وسند ٿري چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل عدالت کان مٿانھون قتل آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي ته ايتري گھٽ آھي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي مذھبي انتھاپسندي اڏوھي جيان کائي رھي آھي، جنھن کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي روشن خيال ماڻھن کي اڳتي اچڻو پوندو، ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، سي آئي اي انچارج ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ سميت سندس ٽيم شامل آھي، اسان اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته ملوث ڪردارن خلاف ڪاروائي ڪري وارثن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي، ھن چيو ته ھي گورنمينٽ آھي جيڪا سڄي سنڌ اندر ماڻھن جون زمينون کسڻ چاھي ٿي پاڻي کسڻ چاھي ٿي انھي کي روڪڻ لاءِ ڪنھن کي اڳتي اچڻو پوندو، حڪومت جي سازشن کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي روشن خيال ماڻھن کي اڳتي اچڻو پوندو، ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنساءِ پليجو چيو ته سنڌ ۾ پوليس ھر ڏينھن پاڻ جج بڻجي ماڻھن جي زندگين جا فيصلا ڪري رھي آھي، پوليس ڪير ٿيندي آھي جو ماڻھن کي قتل ڪري ماري ڦٽو ڪري، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪندڙ ۽ سھولتڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.