زيادتي جو شڪار پوليو ورڪر جا ڊي اين اي تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو ) ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ابرار جعفر ڪجھه ڏينھن اڳ زيادتي جو نشانو بڻايل پوليو ورڪر  سان سندس گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪري واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، مڪمل تفصيل ٻڌڻ بعد متاثر عورت کي آٿت ڏيندي کيس هر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي ۽ متاثر عورت کي اجرڪ پارائي ۽ سندس ٻارن کي ٽافيون ۽ ٻيون شيون وغيره پڻ ڏنيون، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ابرار جعفر چيو ته اوهان جي هر قسم جي مدد ڪئي ويندي، ۽ اسان سڀ اوهان سان هن مشڪل گهڙي ۾ گڏ آهيون، ٻي پاسي جيڪب آباد جي سيڪنڊ سول جج نثار احمد شر جي عدالت ۾ پوليو ورڪر سان زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليو ورڪر کي پوليس جي سخت سڪيورٽي هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، وڪيل نثار مغيري موجب زيادتي ڪيس جي مبينا ڊي اين اي سيمپل تبديل ڪرڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، عدالت ايس ايس پي، ڊي ايڇ او، ڊائريڪٽر ڄامشورو اسپتال، سول سرجن سول اسپتال کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻي پاسي پوليو ورڪر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته بااثر ماڻهو منهنجي ڊي اين اي جا نمونا تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.