پوليس موبائل ساڙڻ جي جاچ ايس ايڇ او ڇور حوالي، 9 ڄڻا گرفتار

عمرڪوٽ ( ڊ ر) پنج ڏينھن اڳ  رات جو دير سان عمرڪوٽ الله واري چوڪ تي مظاھرين   پاران پوليس موبائيل کي ساڙڻ واري مامري جي جانچ ايس ايڇ او ڇور جي حوالي، 9 ڄڻا گرفتار، 34 ڪيس ۾ نامزد، ٽوٽل 150 جوابدار شامل ھجڻ جا اطلاع  آهن. پنج ڏينھن اڳ ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ الله واري چوڪ تي مظاھرين پاران پوليس موبائيل کي باھ ڏئي ساڙڻ واري واقعي ۾ ملوث 150 نامعلوم ماڻھن تي سٽي ٿاڻي تي اي ايس آءِ روشن جنجھي جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيل ھو، جيڪا جاچ ڇور ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور محمد شر کي ڏني وئي ھئي، جنھن ۾ 34 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آھي، 116 ڄڻا نامعلوم، جڏھن ته 34 نامزد جوابدارن ۾ 9 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آھن، جن ۾ صدام کوسو، بلال بجير، ايان ڀٽي، الطاف بجير، محمد شاھد يوسفزئي، بلاول سولنگي سميت ٻيا شامل آھن، جنھن جو اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورخاص مان پنجن ڏينھن جو رمانڊ ورتو ويو آھي، ھوڏانھن موبائل سڙڻ واري واقعي ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇور پوليس 30 جي لڳ ڀڳ مظاھرين گرفتار ڪيا ويا جن مان ڇور پوليس 9 ڄڻن جي گرفتاري ظاھر ڪئي آھي بقايا 21 ماڻھن کي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.