مخصوص سيٽن وارو ڪيس، جسٽس يحييٰ آفريدي جو اختلافي نوٽ جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس يحييٰ آفريدي مخصوص سيٽن واري ڪيس بابت فيصلي ۾ پنهنجو اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس يحييٰ آفريدي 26 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ آئيني گهرجن تي پوري نٿي لهي تنهنڪري سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.
اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي ۽ مخصوص سيٽن لاءِ اهل آهي پر تحريڪِ انصاف عدالت جي آڏو ڌر نه بڻي.
اختلافي نوٽ موجب، ٽي جون کان ڪيس هلي رهيو هو، پي ٽي آءِ 26 جون تائين ڪا به درخواست نه ڏني، 26 جون تي پي ٽي آءِ جي ڌر بڻجڻ جي درخواست، بئريسٽر گوهر جاري ڪيس ۾ مدد جي درخواست ڪئي پر پي ٽي آءِ پنهنجي حق ۾ ڪنهن ڊڪليئريشن جي استدعا نه ڪئي.
جسٽس يحييٰ آفريدي لکيو ته اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ستن ڏينهن اندر فيصلو ڪري ۽ مخصوص سيٽن واري نوٽيفڪيشن جو ٻيهر جائزو وٺي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججن مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪم ڏنو ووي آهي ته هو مخصوص سيٽن تي پي ٽي آءِ اميدوارن کي نوٽيفاءِ ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.