اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مخصوص سيٽن بابت ڪيس تفصيلي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، مخصوص سيٽن بابت ڪيس تفيصلي فيصلي تي تي اليڪشن ڪميشن طرفان متفرق درخواست داخل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ واري عبوري فيصلي اليڪشن ڪميشن سان گڏ مسلم ليگ ن ۽ پ پ طرفان ٽي نظرثاني درخواستون اڳواٽ ئي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.
ياد رهي ته ڪالهه ڏينهن سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججن مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪم ڏنو ووي آهي ته هو مخصوص سيٽن تي پي ٽي آءِ اميدوارن کي نوٽيفاءِ ڪري.