گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر)ڏهرڪي ويجهو درگاهه ڀرچونڊي شريف ڀرسان مبينا طور گهر ۾ گوليون لڳڻ سبب ڀرچونڊي پير ميان انيس الرحمان قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس نوجوان پٽ عبدالرحمان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد ميان انيس الرحمان جي قتل ٿيڻ ۽ سندس نوجوان پٽ جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي ڀرچونڊي پير وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نوجوان ميان عبدالرحمان کي زخمي حالت ۾ کڻائي ڏهرڪي جي سول اسپتال آندو جتي کيس حالت ڳڻتي جوگي آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ موجود ڀرچونڊي پيرن صحافين کي پڻ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو، مقتول ميان انيس الرحمان جي وارثن ٻڌايو ته ميان انيس الرحمان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته في الحال واقعي بابت ڪجهه به ٻڌائي نه ٿا سگهون، جڏهن ته ذريعن موجب ميان انيس الرحمان جي قتل وارو معامرو گهريلو تڪرار تان ٿيو آهي.ميان انيس الرحمان پهريان پنهنجي پٽ کي گولي هنئي آهي بعد ۾ پاڻ مٿان فائر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا هئا. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته اسان کي پڻ ميان انيس الرحمان جي قتل ٿيڻ بابت اطلاع مليو آهي جنهن بعد پوليس قتل معامري جي هر رخ کان جاچ ڪري رهي آهي.