گرين پاڪستان جي نالي سنڌ سڪائڻ نامنظور، سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ گرين پاڪستان نالي سنڌو درياءُ مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ جي فيصلي خلاف  سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. سنڌو درياءُ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون. عمرڪوٽ ۾  جي ڊي اي اڳواڻ لياقت جوڻيجو،سليم مھر ،فقير محب مڱريو ،ايس يو پي اڳواڻ روشن مڱريواڳواڻي ۾ ريلي نڪتي. ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، دلمراد ڏاهاڻي.اڪرم باجڪاڻي.غلام مصطفي ميراڻي ۽ ٻين چيو ته ارسا ايڪٽ کي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو سمجهون ٿا جيڪب آباد جي ڊي اي ۾ شامل تنظيمن جا ارسا ايڪٽ ۾ متضاد ترميمن خلاف جدا جدا مظاهرا.شھيد الله بخش پارڪ گڏيل زبردست مظاهرو ڪيو ويو. جي يو آء جي ڊاڪٽر اي جي انصاري مولانا عبدالجبار رند.ايس ٽي پی جي عبد الرزاق لاشاری عبدالستار جاگيراڻي،ايس يو پي جي مقبول لاشاري ۽ ٻين نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. بھرام ۾  جي يو آء اڳواڻ مولانا منير احمد پنهور، حامد علي تونيو،  آصف علي، محمد ياسين پتوجو ،عبدالحفيظ پتوجو ، نور محمد مگسي ، اختيار مگسي رابيل نصرالله جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. قمبر ۾  ارسا ايڪٽ جي قانون ۾ ترميم خلاف سياسي پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف،جمعيت علماء اسلام،يوٿ فورم،پ پ شهيد ۽ ٻين طرفان ريلي ڪڍي وئي .  نوابشاهه ۾ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاه جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ روڊ پراڻي ناڪي کان ڪيفي شيراز چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پهتا جتي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاه چيو ته آصف علي زرداري 2024 جي اليڪشن ۾ سنڌ جو سودو ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي بل تي صحيح ڪري سنڌو درياهه تي سودو ڪيو آهي جنهن کي سنڌ جو عوام مڪمل طور رد ڪري ٿو. لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ڊي اي جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف شهر جي لاهوري ريگيوليٽر کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، قومپرست ۽ مذهبي جماعت جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ عامر ڀٽو، ايس يو پي اڳواڻ صدر الدين ڀٽي، روشن ڪلهوڙو، منظور شيخ، سياف اڳواڻ آفتاب سنڌي، جسقم اڳواڻ اطهر سومرو، جسم اڳواڻ ذوالفقار بليدي، ايس ٽي پي اڳواڻ احمد نواز بروهي، جماعت اسلامي اڳواڻ غلام حيدر ڪورائي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جميل لاڙ، عوامي جمهوري پارٽي جي ڀائو در محمد ٻرڙو، ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻ طارق بدوي، سمال ٽرينڊس جي اڳواڻ سعيد شيخ، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪامريڊ رئوف ڪورائي ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي تباھ ڪرڻ کان پوءِ هاڻي سنڌ جي پاڻي تي به ڌاڙو هڻڻ لاءِ مختلف سازشون ڪيون پيون وڃن.دادو ۾  ڊي اي ۾ شامل سمورين جماعتن پاران جتوئي هائوس کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊوآدم ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف مختلف سياسي پارٽين جماعت اسلامي، پي ٽي آء، جمعيت علماء اسلام، ايس يو پي، سنڌي ادبي سنگت، سگا، شهري ايڪشن ڪميٽي، قومي عوامي تحريڪ  پاران احتجاجي مظاهرو ڪري   سخت نعريبازي ڪئي وئي سجاول ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ، تحريڪ انصاف ، جماعت اسلامي ، قومي عوامي تحريڪ ، قومپرست پارٽين جي گڏيل سنڌو دريا بچايو ايڪشن ڪميٽي طرفان شهر جي اسٽيشن روڊ کان سنڌو تي 6 ڪئنالن جي اڏاوت خلاف پيادل احتجاجي جلوس ڪڍي مارچ ڪري ڦليلي روڊ تي طويل احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ميرپورخاص کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . سکر ۾ ارسا قانون ايڪٽ ۽ سنڌوءَ درياهه مان 6 غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڦوھارا چونڪ کان  سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي  احتجاج ڪندي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي صدر عيدن جاگيراڻي، فنڪشنل ليگ جي ضلعي صدر فقير عنايت ٻرڙو ، پي ٽي آءِ ضلعي صدر داوا خان ، جماعت اسلامي جي ضلعي امير حزب الله جکرو ، جي يو آءِ جي قاري لياقت علي لغاري ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي صدر نومي سنڌي اي جي پي جي حڪيم زنگيجو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا قانون ايڪٽ ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻن مجيب آزاد ڀيلار ، ڪامريڊ سفير سامٽيو ، عظمت ڀيلار ، حاڪم علي منگي ، ظھور دايو -اظهر سولنگي -صنعان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاھرو ڪيو .  مورو ۾ سنڌو درياء بچايو تحريڪ  جي سڏ تي مختلف قومپرست سياسي جماعتن  پاران  پريس ڪلب  مورو اڳيان  احتجاجي مظاھرو  ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي  نيشنل پيپلز پارٽي جي ايڊووڪيٽ عبداللہ خان ڪورائي راجہ جي ايم ڪورائي  ايس يو پي جو ياسين سومرو  اسلم ڪوريجو  ايس ٽي پي اصغر ڀرٽ اصغر بليدي حميد پنھور  پي ٽي آء محمد رمضان لنڊ   جي يو آء  عبدالرشيد بروھي  عبدالمالڪ ابڙو مسلم فنڪشنل ليگ محمد اسلم حب فقير غلام مصطفي بھڻ قومي عوامي تحريڪ خان محمد سومرو جسقم امتياز کوسو  جگديش ڪمار جسقم ( آريسر)  ساجن ڪمار  پورھيت اڳواڻ خالد ٻگھيو ايڊووڪيٽ گلزار عالماڻي  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي جڏهن ته سنڌو درياهه تي 6 ڪينال نه ٺهڻ گهرجن ڇو ته 6 ڪينال ٺهڻ سان سنڌ جي تقريبن 48 کان 50 لک ايڪڙ غير آباد ٿي ويندا، جنهن جو مطلب لڳ ڀڳ اڌ سنڌ تباھ ٿي ويندي ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ لاء پاڻي نه ملندو پيئڻ جي پاڻي لاء ترسنداسين، هن چيو ته اگر سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سمنڊ ابتو وهندو تنهنڪري ٺٽو، سجاول، بدين مڪمل طور سمنڊ ۾ هليا ويندا، هن چيو ته 6 ڪينال ٺاهڻ سان ڪجهه مخصوص ڪمپنين کي فائدو پوندو. شھدادپور ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف جي ڊي اي پاران محمد بخش خاصخيلي، حسين بخش خاصخيلي، منوچر گجر، غلام قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي . خيرپور ۾ سياسي سماجي قومپرست تنظيمن پاران خاڪي شاھ پُل کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي فياض خميساڻي، اويس ڦلپوٽو، اڪبر مڪول، صابر مھيسر ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري صوبن کان سندن حق کسي رھي آھي ۔ گمبٽ ۾ ايس يو پي جسقم سنڌ ترقي پسند سنڌ سڀا سميت مختلف قومپرست پارٽين جي سڏ تي گمبٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٽنڊوالھيار ۾ سنڌو دريا بچايو ڪميٽي پاران ريلي ڪڍي وئي. ايس ٽي پي . جي يو آئي . جسقم . پي ٽي آئي پاران نڪتل ريلي شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي لطيف گيٽ وٽ پھتي جتي اڳواڻن مير محمد پتافي . محبوب سمون فدا چوھاڻ . غلام رسوم رند ۽ ٻين ارسا ايڪٽ ترميم کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته ارسا ايڪٽ ترميم سنڌو مان ڇھ ڪيئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ دشمن ارسا ايڪٽ ترميم جي ڪنھن بہ صورت ۾ حمايت نہ ڪنداسين. جيڪڏهن سنڌ دشمن فيصلا واپسي نه ورتا ويا ته سموري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. شھدادڪوٽ ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي شهر جي قومپرست جماعتن، مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ ساڃاھ وندن سنڌودرياھ تي نوان ڊيم اڏڻ خلاف هٿن م بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب کان هڪ زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ڪوٽو موٽو چوڪ تي تي ڌرڻو هنيو. ٽنڊو محمد خان ۾  ريلي ڪڍي وئي،فيض گنج ( ظھير خاصخيلي) ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ غير قانوني طور 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ واري عمل خلاف جي ڊي اي، ايس يو پي، جسقم، پي ٽي آئي، سول سوسائٽي ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ رور سسٽم جي موجوده ڪمانڊ ايريا ۽ ڊيلٽا تباهه برباد ٿي ويندي ۽ سمنڊ ڪجهه سالن اندر ئي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويندو، هنن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي ٺهندڙ 6 ڪئنال ٽن ڪالا باغ ڊيمن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ موجوده صدر آصف زرداري اختيارين کي اورانگھي ارسا ۾ ترميم آڻڻ ۽ ڪئنال ٺاهڻ واري ڪڌي ڪم ۾ پاڻي جي ڌاڙيلن ۽ سنڌ سڪائڻ وارن سان ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ وارن سان گڏ بيٺل آهي، جنهن ڪري سڀني سنڌ واسين کي هڪ آواز ٿي سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو نه ته سنڌ جا ڪيترائي شهر ڳوٺ سمنڊ هيٺ اچي ويندا ۽ سنڌ جي زراعت برباد ٿي ويندي. ميهڙ ، مانجهند، ٺل، وارهه، ڀان سيد آباد، ٺٽي. وارهه ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ڪراچي/ حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه مان 6 نوان  ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميمون ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف سڄي سنڌ جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا, ضلعي هيڊڪوارٽرن سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. احتجاج ۾ شامل سياسي ۽ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن "پاڻي تي ڌاڙو نامنظور”, "ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ نامنظور”۽ "سنڌ سڪائڻ بند ڪيو” سميت ٻيا نعرا هنيا. سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي سڏ تي ڪالهه حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو, جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي, جي ڊي اي, قومي عوامي تحريڪ, سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، عوامي جهموري پارٽي، جميعت علماء اسلام(ف) ۽ جماعت اسلامي سميت ٻين جماعتن جي اڳواڻن وڪيلن, ليکڪن ۽ شاعرن سميت عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به پيپلزپارٽي کي حڪمراني ملي آھي تڏهن سنڌ مفادن جو سودو ٿيو آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سنڌو درياهه تي 3 ڪئنال ٺاهيا ويا. هاڻ آصف علي زرداري صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ وقت ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪري 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي . جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پنجاب 1870ع کان وٺي اها ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪيئن قبضو ڪجي. 47ع کانپوءِ پنجاب جون ڄڻ پنجئي آڱريون گيهه ۾ اچي ويون, پنجاب پنهنجا درياهه وڪرو ڪيا. جيڪي درياهه وڪرو ڪيا ويا انهن درياهن ۾ رڳو پنجاب جو پاڻي نه هو, پر ان ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي به هو. عوامي جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري لال شاهه چيو ته سرسبز پاڪستان جي نالي تي سنڌو درياهه مٿان ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. 48 لک ايڪڙ باراني زمين ملڪ جي سگهاري اداري ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏني وئي آهي ته جيئن هو سنڌ جو پاڻي کڻي سنڌ کي سڪائي پنهنجون زمينون آباد ڪن. هوڏانهن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)  ۽ اتحادي جماعتن ارسا ايڪٽ م ترميمون آڻي 6 نوان ڪينال ڪڍڻ کي پيپلزپارٽي جو سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏيندي پيپلزپارٽي جي ارسا خلاف قرارداد کي ٻٽي پاليسي ۽ ڊرامو ڪوٺي پي پي پي کي پنهنجي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ جي سازش ڪندڙن کان استعيفا وٺڻ جو مطالبو ڪندي ان جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آھي ا.ھڙن خيالن جو اظھار سردار عبدالرحيم ء ٻين اڳواڻن خميس ڏينھن ڪراچي پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي  خطاب ڪندي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن م ڪامياب احتجاجي مظاھرا ٿيا آھن  جماعت اسلامي جي اڳواڻ مسلم پرويز چيو ته سنڌو درياء مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ڪراچي کي پاڻي جو قطرو نه ملندو،ملڪ جي ھارين ء آبادگارن جا ھٿ مظبوط ڪيا وڃن، بار ڪائونسل جي نائب صدر نصرالله جلباڻي چيو ته ڪراچي بار ڪائونسل  ارسا آرڊيننس خلاف اتفاق راء سان ٺھراء پاس ڪيو آھي سنڌ سان دشمني ڪرڻ جي ڪنھن کي اجازت نه ھوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.