ججن جي رٽائرمينٽ عمر وڌائڻ جي حق ۾ ناهيون،تڪڙو انصاف چاهيون ٿا: بلاول

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ججن کي سياست ڪرڻي آهي ته پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهن. عدالت مان سياست جي اميد رکندا ته عوام جو نقصان ٿيندو. سڄي ملڪ جي وڪيلن جي نمائندن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار آهي، هر آمريت ۾ وڪيلن جو ڪردار نمايان رهيو.  بلاول چيو ته پيپلز پارٽي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون، بي بي شهيد کي خبر هئي ته عدالت سياست نٿي ڪري سگهي، عدالتي سڌارا پيپلز پارٽي جو پراڻو موقف ۽ مطالبو آهي، عدالتي نظام کي درست ڪرڻ لاءِ آئيني عدالت ضروري آهي، آئين جي بالادستي جي ضرورت آهي. ان عدالت جو مينڊيٽ آئيني معاملن جي تشريح ڪرڻ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ججن جي مقرري ۾ شفافيت بي بي شهيد جو مطالبو هو. ارڙهين ترميم ذريعي ججز جي مقرري جو نظام ٺاهيو ويو هو. بلاول ڀٽو چيو ته ججن کي سياست ڪرڻي آهي ته پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهن، عدالت مان سياست جي اميد رکندا ته عوام کي تڪليف ٿيندي. هن چيو ته مٽي مائٽيءَ جي ڪري عدالتي نظام کي نقصان پهتو آهي. اها روايت رهي آهي ته توهان جو مائٽ آهي ته جج لڳائي ڇڏيو. پارليامينٽ فيصلو ڪيو ته عوام فيصلو ڪندو ته جج ڪير ٿيندو، اسان کي عوام کي جلد انصاف ڏيارڻو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت ۽ اتحادين سان صلاح مشوري سان اهڙي عدالت ٺاهينداسين جتي الڳ ڪيس داخل ڪيا ويندا، اهڙيون عدالتون نه هونديون جيڪي ڊيم ٺاهينديون يا ٽماٽن جا اگهه مقرر ڪنديون. هن چيو ته اسان جي اتحادي حڪومت آهي ۽ اتحادي حڪومت قيادت ۾ ڏيڻ وٺڻ هلندو رهندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڀٽو ڪيس جو فيصلو 50 سالن کانپوءِ آيو، جيڪڏهن مون کي انصاف ملڻ ۾ ايترو وقت لڳو ته عام ماڻهو کي ڪيترو وقت لڳندو، عوام اسان کي چونڊي اختيار ڏنو آهي، اسان هٿ ٻڌي بيهي نٿا سگهون. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته صوبن ۾ به آئيني عدالتون هجڻ گهرجن. هن چيو ته اسان نواز شريف کي سمجهايو هو ته 58 ٽو بي جو غلط استعمال ٿيندو. هو پاڻ به ان جو شڪار ٿي چڪو هو. هن چيو ته افتخار چوڌري جيڪو بنياد رکيو هو، ان کي ڪڏهن ثاقب ۽ ڪڏهن گلزار اڳتي وڌايو. بلاول ڀٽو زرداري چيو مان سمجهان ٿو ته جسٽس منصور علي شاهه ملڪ جو ايندڙ چيف جسٽس هوندو، ججن جي عمر سان ڇيڙ ڇاڙ مان لڳندو ته اسان ڪنهن خاص فرد کي عهدي کان ٻاهر رکڻ چاهيون ٿا، جيڪو مناسب نه آهي. پيپلزپارٽي ججن جي عمر بابت ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي، حڪومت ججن جي عمر بابت تبديليون ڪرڻ پئي گهريون. مولانا فضل الرحمان چيف جسٽس جي عمر 67 سال ڪرڻ واري تجويز جي مخالفت ڪئي آهي، بلاول چيو ته آئيني ترميمن جو گردش ڪندڙ مسودو اصلي نه آهي، پيپلزپارٽي ججن جي ملازمت جي شروعات واري عمر جي حد گهٽ ڪرڻ جي حمايت ڪئي. حڪومت اتفاق ڪندي اها تجويز مسودي ۾ شامل ڪئي، جي يو آءِ ججن جي ملازمت واري هاڻوڪي عمر واري حد 65 سال برقرار رکڻ جي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي حوالي سان اصولي موقف رکي ٿي ۽ انهن جي حمايت نه ٿي ڪري، حڪومت فوجي عدالتن لاءِ قانونسازي ضروري سمجهي ٿي ته پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس سڏايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.