حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هٿياربندن هڪ نوجوان کي ڊوڙائي ڊوڙائي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. لطيف آباد نمبر 12 جي مين روڊ تي هٿياربندن هڪ نوجوان کي ڊوڙائي ڊوڙائي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي سڃاڻپ مير مرتضيٰ جتوئي جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول شڪارپور جي لکي تعلقي جي تڙ جتوئي علائقي جو رهواسي هو. سندس مٽن مائٽن جي پاڻ ۾ ذاتي دشمني هلندڙ آهي، ان دشمني سبب مارجي ويل مير مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا لڏي جاتي واري علائقي ۾ ويٺل آهن. مقتول ۽ سندس دشمني وارا مائٽ هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ ڄامشورو جي عدالت ۾ آيل هئا. جتان موٽرسائيڪل تي سوار ماڻهن پيڇو ڪري کيس لطيف آباد نمبر 12 واري علائقي ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او اي سيڪشن نيڪ محمد کوسو موجب 8 مهينا اڳ هڪ شخص واسينگ جتوئي مارجي ويو هو. ان دشمني جي بنياد تي مير مرتضيٰ جتوئي کي قتل ڪيو ويو آهي. واقعي جي اڃا ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته مقتول جو لاش سندس سس کڻائي جاتي رواني ٿي وئي.