پراجيڪٽ عمران کي هر صورت چٿيو ويندو: عدليه کي پيغام؟

لاهور (عمران شفقت) ميڊيا تي هڪ خبر ڏني وئي ته جنرل فيض حميد هڪ فوجي آفيسر طور هڪ سياسي پارٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهي هو عهدي تي رهندي اهو ڪم ڪري رهيو، منصوبابندي ۽ حڪمت عملي ٺاهي رهيو هو. هن خبر مان اهو طئي آهي ته ڪجهه به ٿئي پراجيڪٽ عمران کي منهن ڏنو ويندو. آئيني ترميم به ان لاءِ هڪ ڪوشش آهي. عمران خان کي موقعو آهي ته سياسي عمل ذريعي بچڻ چاهي ته بچي نه ته ڪو موقعو ناهي. بنيادي طور تي هي عدليه ۾ ويٺل عنصرن کي پيغام آهي ته توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو، ڪا معافي ناهي. جيڪڏهن جنرل فيض حميد عهدي تي رهندي اهڙا ڪم ڪندو رهيو آهي ته پوءِ ان ۾ ته جنرل باجوا به شامل ٿي سگهي ٿو ۽ اها ڊگهي لسٽ ٿي ويندي.

  • جنرل فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻڻ چاهيو: سيڪيورٽي عملدار

راولپنڊي(م ڊ) ملڪ جي اعليٰ سڪيورٽي اهلڪارن چيو آهي ته فوج آئين جي وفادار آهي ۽ ان جو ڪو سياسي ايجنڊا ناهي، جڏهن ته انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد هڪ ذميوار عهدي تي ويٺو هو ۽ هڪ مخصوص سياسي جماعت کي مٿي تي آڻي رهيو هو. ڊان نيوز جي رپورٽ موجب سڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته فيض حميد تي سياسي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جو الزام آهي. سڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ هو ته فوج آئين جي وفادار آهي، ان جي ڪا سياسي سوچ ناهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڀارتي فوج تي سياست ڪئي ۽ مخالفن خلاف ڪارروائي ڪئي.  هٽلر به جرمن فوج کي سياسي نظريي تحت هلائي رهيو هو ۽ مخالفن خلاف ڪارروايون ڪندو رهيو. هن چيو ته پاڪستاني فوج سان به ساڳيو سلوڪ ڪيو ويو، فيض حميد به ذميوار عهدي تي ويهي هڪ خاص سياسي پارٽي کي مٿي آڻي  رهيو هو. فوج جو حڪومت ۾ شامل سياسي پارٽين سان غير سياسي لاڳاپو هوندو آهي، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون احترام لائق آهن.  هن چيو ته ماضي ۾ هڪ سياسي پارٽي فسادين جي ڳالهه ڪئي، اڃا به اها ئي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته دهشتگردن کي افغانستان ۾ تربيت ڏني پئي وڃي. سڪيورٽي اهلڪارن موقف اختيار ڪيو ته لڪي مروت ۾ ڏوهاري ٽولا سرگرم آهن، جڏهن ڏوهاري ٽولي خلاف ڪارروائي ڪندا آهن ته مظاهرا ڪندا آهن. جڏهن به صوبائي حڪومت چوندي ته فوج لڪي مروت مان واپس ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.