ڪراچي (رپورٽر):سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار جي ڌمڪي کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي سنڌ اسيمبليءَ جي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ پهچي ويو. اجلاس ۾ مونس علوي تلخ لهجي ۾ چيو ته اسان هٿيار ڦٽا ڪريون، اسان جو لائسنس رد ڪيو وڃي، حڪومت پاڻ بجلي سپلاءِ ڪري. مونس علوي چيو ته اسان لوڊشيڊنگ ڪريون ٿا پر ريٽ مقرر نٿا ڪريون، جنهن تي ڪميٽي ميمبر خاموش رهيا. ڪميٽي ميمبر شبير قريشي چيو ته توهان لوڊشيڊنگ ڪري بجلي چوري جو جواز پيش ڪيو ٿا، بجلي چوري روڪڻ لاءِ توهان وٽ ادارا آهن. هن چيو ته توهان ڪنهن کي به جوابده ناهيو، اوهان بجلي چوري جو بار به عوام تي وجهي ڇڏيو ٿا. ايم پي اي محمد فاروق چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پهرين ملاقات ۾ ڪيل فيصلن تي عمل نه ڪيو. جيڪڏهن 100 مان 40 ماڻهو پي ايم ٽي تي بل نه ٿا ڏين ته باقي 60 کي سزا ڇو ٿي ڏني وڃي؟