باڊھ(ت ر)”سنڌو درياھ تي ڪو به ڪينال قبول ناهي“ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي وائيس چيئرمين دودوديشي، بابر نوناري، اصغر پنهور، هيمون ڀٽي،عاشق گاڏھي ، برڪت گوپانگ جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري ڀٽي چونڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،هن چيو ته ته 23، 24 سيپٽمبر تي سنڌو درياءُ جي ڪنارن تي گڏ ٿي جسقپ جا ڪارڪن درياءُ ۾ گل نڇاور ڪندا ،سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آهي، تنهن ڪري سنڌو درياءُ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۽ کڄندڙ هر وک جي حمايت ڪريان ٿو ، هن چيو ته ارسا کي 1991ع پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي پاڻي ڏيڻ گهرجي.