حزب الله جا اسرائيل تي ميزائل حملا، ڪيترائي اسرائيلي فوجي زخمي

بيروت (م ڊ) لبنان ۾ پيجر ۽ واڪي ٽاڪي جي ڌماڪن ۾ شهيدن جو انگ 37 ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لبناني فوج  چيو ته فوجي يونٽ مختلف علائقن ۾ شڪي پيجرز ۽ مواصلاتي ڊوائيسز کي تباهه ڪري رهيا آهن. ٻن ڏينهن تائين لبنان ۾ حزب الله جي ڪارڪنن جي استعمال هيٺ مواصلاتي اوزارن ۾ ڌماڪن کانپوءِ حزب الله اسرائيل تي جوابي بمباري ڪئي. الجليل ۾ ٻن گاڏين تي ڪورنيٽ ميزائل حملن جي نتيجي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو، 15 زخمي ٿي پيا. اسرائيل دعويٰ ڪئي ته حزب الله جي بنيادي ڍانچي جي 6 جاين کي نشانو بڻايو ويو. لبنان مان ميزائلن جي فائرنگ ۾ ڪيترائي شهري زخمي ٿيا. لبنان جي وزيراعظم ميقاتي گڏيل قومن کي اپيل ڪئي ته هو لبنان ۾ اسرائيل پاران واڪي ٽاڪي ۽ پيجر ڌماڪن جو نوٽيس وٺن. ٻئي پاسي بلغاريا جي رياستي سيڪيورٽي ايجنسي ڊي اي اين ايس چيو آهي ته هو بلغاريا ۾ رجسٽرڊ ڪمپني جي ڪردار جي جاچ ڪري رهيا آهن، ڪمپني نورٽا گلوبل لميٽڊ پيجرز جي وڪري ۾ سهولتڪاري فراهم ڪئي هئي جيڪي لبنان ۾ ڦاٽي پيا.  ٻئي پاسي ايراني حڪومت اعليٰ عملدارن کي موبائيل فون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاسدارن انقلاب جي وزير محسن رفيق دوست موجب اميد آهي ته ايران ايندڙ ڏينهن ۾ اسرائيل کان بدلو وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.