سمورن ٽائونز کان برسات متاثر روڊن بابت رپورٽ طلب

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن جي  وزير سعيد غني چيو آهي ته برساتن کانپوءِ روڊن جي مرمت جي ڪم جو آغاز ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه ٺيڪيدارن کي ماضي ۾ خراب ڪم ڪرڻ تي بليڪ لسٽ به ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي ڪجهه انجنيئرن خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. سنڌ  حڪومت ڪي ايم سي جي 100 کان وڌيڪ روڊن لاءِ 1.5 ارب رپيا ادا ڪندي. اسان جا مخالف عوام ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي سازش ڪري رهيا آهن ته پيپلز پارٽي رڳو پنهنجن علائقن ۾ ڪم ڪرائي رهي آهي، جيڪو بلڪل غلط آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  سڀني ٽائونز کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي ۽ سومر تائين سڀني ٽائونز جي رپورٽ وصول ٿيندي، ان کانپوءِ انهن کي به سنڌ حڪومت 2 ارب رپيا روڊن جي مرمت لاءِ فراهم ڪندي. سعيد غني چيو ته اسان کي سڀ روڊ ٺيڪ ڪرڻا آهن ۽ ان تي جيڪي به خرچ ايندا، اهي سنڌ حڪومت ادا ڪندي. هن چيو ته 2014 ۾ اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڄ ڊالر مهانگو ٿيڻ باوجود به ملڪ کي 10 کان 12 رپيا في يونٽ بجلي فراهم ڪري سگهجي پئي. پر ان وقت اسان جي ڳالهين کي نه ان وقت جي وفاقي حڪومت سنجيدگي سان ورتو ۽ نه ئي مسلم ليگ نون جي قيادت ان کي سنجيدگي سان ڏٺو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.