شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي اڄ 28 هين ورسي

ڪراچي/باڊھ( نمائندا)شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28هين ورسي اڄ ملهائي وئي. ٻئي پاسي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن  جي گرفتاري لاءِ پ پ شهيد ڀٽو پاران فدا حسين تنيو، جميل ميمڻ،اعجاز ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ باڊھ پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ، مظاهري ۾ ڪارڪنن زاهد تنيو، راجه بروهي، جگر اوڏ، رميز پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 6 ساٿين جي بيگناهه قتل ڪيس ۾ گذريل 28 سالن کان انصاف نه ٿيڻ ملڪي قانون ۽ عدالتي نظام مٿان وڏو سواليه نشان بڻيل آهي،

جهمپير ۾ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي 70 هين سالگرهه جي تقريب

جھمپير(رپورٽ: نظير پالاري) پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري پاران پ پ پ شھيد ڀٽو جي قائد مير مرتضي ڀٽو جي 70 ھين سالگره جھمپير لڳ نظر فارم تي منعقد ڪئي ويئي، جتي ڊاڪٽر لکمير پالاري،  استاد ادريس آٿو،  ڪامريڊ عاشق علي، آزاد اصغر آٿو، مختيار حسين، صالح شورو،  مظھر گوپانگ ۽ ٻين جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر لکمير پالاري پاران ڪيڪ ڪاٽي ھڪٻئي کي ڪيڪ کارائيندي ڊاڪٽر لکمير پالاري چيو ته شھيد مير مرتضي جي شھادت کي 28 سال گذرڻ  باوجود ان جي وارثن ۽ سندس ساٿين کي انصاف ملي ناهي سگهيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.