جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) جيڪب آباد جي عدالت پوليو مهم دوران هيلٿ ورڪر سان زيادتي ڪيس ۾ متاثر عورت جي مڙس ۽ ڏير سميت 3 جوابدارن کي 11 ڏينهن لاءِ جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پوليس موجب، 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ٽنهي جوابدارن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾پيش ڪيو ويو هو جنهن بعد عدالت جوابدارن کي 11 ڏينهن لاءِ جيل منتقل ڪرڻ جوحڪم ڏنو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر عورت پاران مڙس مٿان قتل ڪرڻ جو الزام آهي، جوابدار اڳ ئي سندس زال کي تهمت مڙهي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف واقعي جي مرڪزي جوابدار کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.