سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ وڏيرا شاهي ۽ سياسي شعور جي تقاضا

سنڌ اندر بي شڪ سياسي شعور ملڪ جي ٻين صوبن جي عوام کان ججهو آهي پر ان سياسي شعور جي ڪا تقاضا به آهي. سياسي، سماجي، ادبي، تاريخي ۽ سائنسي شعور يقينن سنڌ کي هڪ خاص سڃاڻپ ڏني آهي، ان شعور يقينن سنڌ کي ڪجهه فائدو به ڏنو آهي پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي ان سياسي شعور کي اڳواڻي جي حيثيت ناهي ملي سگهي. اڄ به اهو سياسي شعور سنڌ جي حڪومتي نظام ۾ نظر نٿو اچي جنهن ڪري سنڌ اڄ به وڏن مسئلن ۽ بحرانن ۾ وڪوڙيل آهي. اهو سياسي شعور ڀلي محدود هجي، اقليت ۾ هجي پر تبديلي هميشه اقليت آندي آهي ۽ پوءِ اڪثريت ان جي پوئلڳ ٿي ويندي آهي.

سو سنڌ جي سياسي شعور کي هاڻي سنڌ جي حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سنڌ اندر پوءِ ائين ئي غير سياسي شعور حڪومتي نظام هلائيندي ۽ اڳواڻي ڪندي نظر ايندو جيڪو صدين کان ڪري رهيو آهي.

اها ڪيڏي نه حيرت ۽ افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته سياسي شعور طور سڃاڻپ رکندڙ سنڌ ۾ اڄ به وڏيرن جو راڄ آهي، وڏيرن جي حڪومت آهي. اسان اهو نه چونداسين ته اها سياسي شعور جي شڪست آهي پر اسان جو خيال آهي ته سياسي شعور پاڻ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي حڪومتي ميدان خالي ڪري ڏنو آهي ان سياسي شعور حقيقت ۾ ان پاسي سوچيو ئي ناهي ته ڪو اهو سنڌ جو اڳواڻ به بڻجي سگهي ۽ سنڌ ۾ حڪومت به ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اٽي ۾ لوڻ برابر ڪوشش به ڪئي آهي ته جلد ئي مايوسي جو شڪار ٿي ويو آهي يا ان سياسي شعور لاءِ اهو حڪومتي نظام جيئن ته ان جو آدرش ناهي رهيو تنهن ڪري ان انقلاب ۾ ئي نجاب ڀانئيو آهي .

جڏهن ته اسان جو خيال آهي ته سنڌ جي ان سياسي شعور کي ننڍي يا وڏي تبديلي جو ڪو ميدان ڪو مورچو خالي نه ڇڏڻ گهرجي. هر جاءِ تي ان کي هئڻ گهرجي. ان پاليسي جي فقدان جو ئي اهو نتيجو آهي ته جنهن سياسي شعور کي سنڌي عوام جي اڳواڻي ۽ نمائندگي ڪرڻ گهرجي سو پوئتي رهجي ويو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي وري وڏيرن جو غير سياسي، غير جمهوري، آمراڻو ۽ عوام دشمني وارو راڄ وڌندو ۽ ترقي جي شاهرائن تي ڊوڙون ڪندي نظر ايندو. ايڏي سياسي شعور هوندي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي اها ڪيڏي نه بدبختي آهي، جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته وڌندڙ سياسي شعور سان سنڌ اندر سندن نمائندگي ۽ اڳواڻي به وڌندي اچي جيڪا ڀوتارڪي نظام کي ڪمزور کان ڪمزور ڪندي رهي. پر افسوس ته ائين نه پيو ٿئي. رهندو ڀوتارڪو نظام طاقتور ئي ٿي رهيو آهي. ماضي ۾ ته سندن هشمت رڳو انهن علائقن تائين محدود هوندي هئي پر سياسي اقتداري جماعتن انهن کي پنهنجين جماعتن ۾ شامل ڪري، چونڊن لاءِ سيٽون ڏئي، چونڊون کٽرائي ايم پي اي، ايم اين اي بڻائي حڪومت ۾ آڻي، وزارتون ڏئي سندن وڏيرا شاهي ۽ هشمت کي قانوني ۽ حڪومتي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. جيڪو جديد دور جو تمام وڏو الميو آهي.

اسان سان  مجوعي طور تي اهو به وڏو مسئلو آهي ته  هتي هميشه بدي جون طاقتون ئي متحد رهيون آهن جڏهن ته مثبت طاقتون وري ڇڙ وڇڙ رهي ڪري ڪمزور رهيون آهن.جيئن مثبت طاقتن ۾ ٻڌي ناهي تيئن سياسي شعور ۾ به ٻڌي ناهي. هتي هر ڪو انفرادي طور ڪم ڪندوآهي مثال طور عوامي آواز ميڊيا گروپ جيڪڏهن ڀوتارڪي نظام خلاف جدوجهد هلائي جنهن ۾ رپورٽر نصرالله گڏاڻي شهادت ماڻي ته ائين سمجهيو ويندو آهي ته ڀوتارڪي نظام خلاف اها مهم جيئن ته عوامي آواز ميڊيا گروپ هلائي آهي ته اها ان جي ئي ذميواري آهي جڏهن ته حقيقت ۾ عوامي آواز سنڌ ۽ سنڌ جي سياسي شعور جي نمائندگي ڪري رهي آهي. عوامي آواز معنيٰ عوام جو آواز تنهن ڪري ان جدوجهد ۾ سنڌ جي مجموعي شعور کي حصو وٺڻ گهرجي.

اوهان ڏٺو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڀوتارڪي نظام خلاف هلايل جدوجهد ۽ نصرالله گڏاڻي جي شهادت کانپوءِ جڏهن اهو اشو اردو ۽ انگريزي ميڊيا تائين وڌيو، عالمي ميڊيا تائين پهتو ته ڀوتارڪي نظام ۾ ٿرٿلو آيو  پنهنجي ڇاڪاڻ ته ان کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو آهي ته اسان ۾ هٿ وجهڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. تنهن ڪري اهو ڀوتارڪو نظام هاڻي پنهنجي بقا لاءِ وڌيڪ مضبوط ٿيندو سو بجاءِ ان جي ته ان ڀوتارڪي نظام کي وڌيڪ سگهارو ٿيڻ جو موقعو ڏجي اچو ته ان کي هاڻي ڪمزور کان ڪمزور ڪرڻ واري چئلينج کي قبول ڪجي. جيڪڏهن ائين نه ڪبو ته هي ڀوتارڪو نظام سياسي شعور کي ئي چٿي ڇڏيندو.

سنڌ اندر اونئن ئي وڏيرڪي راڄ آهي. سندن ظلم جو اڄ به اوڏو ئي سج اڀريل آهي جيڏو ماضي ۾ هو پر سندن ظلمن تي ڪير ڳالهائي نه ٿو سگهي، ڪير آواز نه ٿو اٿاري- ڪير آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي کنڀي گم ڪري ماري ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ڪري ڇڏجي ٿو. ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهندڙ صحافي پڻ وڏي عتاب ۾ آهن. اهي انهن علائقن ۾ روز مرڻ ۽ روز جيئڻ واري حالت ۾ آهن. کين سندن گهر ڀاتين عورتن وغيره لاءِ ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. مطلب ته بدمعاشي ئي سندن طاقت آهي ۽ سندن ان بدمعاشي کي قانوني حيثيت وري حڪومت ڏيندي رهي آهي. انهن ظالم وڏيرن ۾ هٿ وجهڻ جي پوليس کي به همٿ ناهي. انهن وڏيرن هڪ رياست اندر پنهنجيون رياستون قائم ڪيون آهن جتي صرف ۽ صرف سندن ئي حڪومت هلي ٿي. ماڻهو ويچارا جيڪي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي نه ٿا سگهن سي مجبورن سندن ظلم جي جنڊ ۾ پيڙجڻ تي مجبور آهن. پر جيڪڏهن آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي هجي، ان ۾ اميد هجي ته اهي غريب بغاوت جو به علم بلند ڪن. انهن کي جيئن ته ڪو آسرو ناهي تنهن ڪري ويچارا خاموش رهي پنهنجي جان ۽ عزت بچائي ويٺا آهن پر سندن ضمير آهي جيڪو بهر حال اندر ئي اندر  لڇندو ڦٿڪندو رهي ٿو ۽ وقت به وقت ڪڏهن ناظم جوکيو بڻجي ته ڪڏهن نصرالله گڏاڻي بڻجي مزاحمت به ڪري ٿو، شهادت به ماڻي ٿو پراهو سياسي ۽ مذاحمتي شعور مجموعي سوڀ نه ٿو ماڻي ڇو ته سنڌ جو سياسي شعور نه متحد آهي ۽ نه ئي اهو وڏيري شاهي سان مقابلي لاءِ تيار آهي. ان ڀوتارڪي نظام لاءِ ڪالهه وانگر اڄ به ميدان خالي ڪري رکيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.