سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ اسپتالن جي خراب حالتن تي جيتوڻيڪ تمام گهڻو لکيو ويندو آهي، اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريل ملنديون آهن پر افسوس ته حڪومت ۽ صحت کاتو انهن جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن. بهرحال جيئن چوندا آهن ته واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو، ته اسان جو فرض آهي ته اسان مسئلن جي نشاندهي ڪندا رهون، اهي لڪائڻ نه گهرجن ۽ نه ئي اهو چئي خاموشي ٿي ويهڻ گهرجي ته فائدو ته هونئن به ڪجهه نه ٿيندو پر حقيقت ۾ اهو به ڪم آهي جيڪو هر ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي.
مان پنهنجي حصي طور اڄ ٺٽي جي ميرپور ساڪرو شيخ زيد رورل هيلٿ سينٽر جا مسئلا بيان ڪندس هن اسپتال کي ٺهي 43 سال ٿي چڪا آهن. هيءَ اسپتال 1980ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي جيڪا 53 بسترن تي ٻڌل آهي. وقت گذرڻ سان هر شئي وڌندي آهي پر جيڪڏهن ڪا شئي نه وڌي آ، اتي جو اتي آهي ته اها ميرپور ساڪرو جي شيخ زيد اسپتال آهي ڇاڪاڻ ته ان کي ننڌڻڪو ڪري بدحال ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ علاج جي سهولت ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. 1980 کان 2024تائين اسپتال اندر اهي ئي 53 بيڊ آهن جڏهن ته اندازو لڳايو ته انهن سالن اندر انساني آبادي ڪيتري نه وڌي وئي هوندي پر مريضن جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي گنجائش اها ئي 1980 واري آهي .
ميرپور ساڪرو ۽ ان جي چوڌاري تمام وڏي آبادي لاءِ هيءَ هڪ اسپتال سهولت جي حساب سان ناڪافي آهي. ان اسپتال کي فوري طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ميرپور ساڪرو ۽ ان جي ڀرپاسي واري آبادي جي مريضن کي ان اسپتال مان فائدو ملي سگهي.مير پور ساڪرو جي مريضن کي ايمرجنسي ۾ ڪراچي جي اسپتالن تائين پهچائڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي شيخ زيد اسپتال ۾ وينٽيلٽر به ناهي جو ڪنهن جي حياتي بچائڻ جو آخري سهارو استعمال ڪري سگهجي. مطلب ته ٻهراڙي جي ماڻهن جي صحت لاءِ ٺاهيل ان اسپتال جو ايمرجنسي ۾ ڪو آسرو ناهي. ايمرجنسي جي حالت به اوهان کي اهو ئي ڪراچي جي اسپتالن ڏانهن وڃڻو پوندو آهي جيڪو زندگي ۽ موت جي ڪشمش ۾ رهندڙ مريضن لاءِ وڏو سفر هوندو آهي اهڙن مريضن کي فوري طور ايمرجنسي يا آءِ سي يو جي ضرورت هوندي آهي. وري ڪراچي جي اسپتالن جي عملي ۽ غفلت جا پنهنجا ڪلور هوندا آهن.
گذريل هفتي منهنجي والده سخت بيمار ٿي پئي جنهن کي فوري طور تي ويجهي کان ويجهي گلشن حديد جي اسپتال ۾ آندو ويو پر افسوس ته اتي به وينٽيليٽر جي سهولت نه هئڻ ڪري اهو ئي جناح اسپتال ريفر ڪيو ويو پر اسان ڪو خطرو نه کڻندي ڪراچي جي هڪ وڏي خانگي اسپتال ۾ امڙ کي داخل ڪرايو سي. ان وڏي اسپتال ۾ به گهربل سهولت نه هئي باقي پيسا ڪمائڻ جي ماهر هئي ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي ٽي لک ستر هزار جو بل آيو. هاڻي اندازو لڳايو ته ڇا اهڙو قيمتي علاج وچولو طبقو ڪرائي سگهي ٿو وري علاج کي ڏسجي ته اهو به تسلي جوڳو نه. اسان جو خيال آهي ته اهڙن اشوز کي سوشل ميڊيا تي وڌ کان وڌ رکڻ گهرجي.
منهنجو حڪومت کان مطالبو آهي ته صحت جون بنيادي سهولتون ميرپور ساڪرو جي رورل هيلٿ سينٽر کي ڏنيون وڃن جتي ايمرجنسي ۾ جا سڀ کان انتظام هجن. ٽيسٽنگ ليبارٽريون هجن، آڪسيجن جي سهولت هجي، اصل ۾ مير پور ساڪرو شيخ زيد هيلث سينٽر جي کي جنرل هاسپيٽل يا ڊسٽرڪٽ هيلٿ سينٽر جو درجو ملڻ گهرجي. ايمبولينس جي سهولت ڏني وڃي. آءِ سي يو جي يونٽ قائم ڪيو وڃي بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ سورلر سسٽم يا جنريٽر جو لازمي انتظام ٿيل هجي. ٻئي پاسي وري شيخ زيد هيلٿ سنيٽر جي انتظاميا کان پڇيو ته اها ٻڌائي ٿي ته گهٽ بجيٽ ۽ گهٽ سهولتون هئڻ باوجود اسان پنهنجي وس آهر بهتر کان بهتر علاج ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.
سو ڏوهه رول هيلٿ سنيٽر جي انتظاميا جو ناهي اصل ۾ اهو ڪم حڪومت ۽ صحت کاتي جو آهي ته اها ٻهراڙي جي آبادي لاءِ ٺهيل ان سينٽر کي فعال بڻائڻ لاءِ بجيٽ به وڌيڪ رکي ۽ انتظاميا کان پڇي ان کي بنيادي سهولتون به ڏئي ته جيئن ميرپور ساڪرو کان علاوه گوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، ٻهارا وغيره جي شهري توڙي ٻهراڙي جي آبادي کي صحت جي فوري سهولت مُهيا ڪري ڏئي سگهجي. اهو ڪم عوام جو نه پر حڪومت ۽ صحت کاتي جو آهي ته اهي پنهنجي ووٽر جي علاج کي يقيني ۽ سستو بنائڻ جو بندوبست ڪن . آخر ۾مان ٺٽي ضلعي جي نوجوانن کي وينتي ڪندس ته اهي ميرپور ساڪرو جي شيخ زيد رورل هيلٿ سينٽر کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاءِ وڌ کان وڌ آواز اٿارين ته جئين ٻهراڙي جي عوام کي سٺو ۽ تڪڙو علاج ملي سگهي.