موجوده مُلڪي حالتن جو زميوار عوام پاڻ ئي آهي

تحرير: سڪندر چنو

نواز شريف کي سياسي فائدو پهچائڻ لاءِ کيس کي سڀني ڪيسن مان آجو ڪرايو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ سڳوري نواز شريف مٿان داخل غير قانوني پلاٽ الاٽ ڪرڻ واري ڪيس مان به کيس آزاد ڪيو ويو. ڪورٽ سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته نواز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي سندس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. عدالت سڳوري چيو ته هاڻي اسين خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪونه ڪنداسين.

بحرالحال اسين سمجهون ٿا ته اها به سٺي ڳالهه آهي جو جنهن به سياسي ماڻهونءَ تي اهڙي قسم جا جيڪڏهن ڪوڙا ڪيس داخل آهن ته انهن کي ختم ڪرڻ هڪ بهتر عمل آهي. پر اهو عمل سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي. نه ڪي نواز شريف لاءِ؟ وري به سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن سچ مچ ۾ ڪيس ائين ختم ٿيندا ته پوءِ ملڪ جو ڇا حال ٿيندو؟ جيڪڏهن صحيح ۽ حقيقت تي ٻڌل ڪيس به ختم ٿيندا رهن ته پوءِ اهو سياستدان پاڻ کي شينهن ئي سمجهندو. ۽ پوءِ اهڙا سياستدان اسان غلام قوم مٿان حڪمراني نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم عمران خان مٿان الائجي ڪيترا خطرناڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. موجودهه وزير پر ڏيهي اسحاق ڊار تي به ڪيس داخل هئا. ان کي ملڪ ۾ گهرائي سندس مٿان داخل سڀ ڪيس ختم ڪيا ويا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس کي وزير خارجه جو قلمدان سندس جهوليءَ ۾ رکيو ويو.

ڳالهه جو مقصد هڪ ئي آهي ته پاڪستان هڪ غلام قوم آهي جيئن قوم کي چيو وڃي ٿو ائين ڪري ٿي. ڪن وقتن ۾ اسان کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ جا حڪمران ڪرپٽ ترين آهن ۽ اسين ها ۾ ها لائيندي چئون ٿا ته بلڪل آهن. وري اسان کي چيو وڃي ٿو وڃي ته ساڳيا حڪمران بهتر آهن اسين چئون ٿا ته بلڪل هنن کان وڌيڪ بهتر ڪير به نه ٿو ٿي سگهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته اسين نفسياتي طور مري چڪا آهيون ۽ نفسياتي طور هڪ غلام قوم طور رهون ٿا. اسين ڪجهه سال پوئتي وينداسين ته اسان کي خبر پوندي ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون هڪ ٻئي مٿان اهڙو ته گند ڪچرو اڇلائينديون هيون جو ان گند جي بدبوءِ اسان جي معاشري ۾ هڪ خوشبوءَ جيان پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. پر پوءِ به اسين نفسياتي طور غلام قوم نه سڌريا آهيون. وري ڏٺوسين ته 2024 جي اليڪشن کان پوءِ سڀ هڪ ٿي ويا. صرف اليڪشن جي ڏينهن ۾ عوام کي استعمال ڪري ٽشو پيپر جيان گند واري ڍير تي اڇليو ويو.

جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري اڄ ملڪ جو وزيراعظم هجي ها ته آصف زرداري 100 ارب ڊالرن ملڪ ۾ سرمائيڪارن ذريعي آڻي ها جنهن سان اڄ ملڪ غربت واري لڪير مان نڪت هجي ها پر اسٽيبلمينٽ آصف زرداري جي انهيءَ پيڪيج کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري اڄ ملڪ سخت مالي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. پر اها گيم نواز شريف به ڄاڻي پيو ۽ هو به ڪا وڏي راند کيڏڻ لاءِ پنهنجي هٿن ۾ تاش جو پتو کيڏي رهيو هو. پر سندس جي سوچ ۽ چالاڪي دوکو کائي ويو. پر مان سمجهان ٿو ته ائين ٿيو ڪونه. ڇاڪاڻ ته نواز شريف به ضدي ۽ ارڏو آهي. نواز شريف جيڪڏهن ملڪ جي صدارت جي عهدي لاءِ راضي ٿئي ها ته پوءِ 58 B (2) واري تلوار به پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏي ها. جڏهن سندس کي وزارت عظميٰ جو آسرو نه مليو ته هن صدارت جو عهدوو به قبول نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته سڀ اختيار وزيراعظم وٽ آهن ۽ جڏهن هن وقت وزيراعظم سندس ڀاءُ آهي ته هو صدارت جو عهدو ڪيئن وٺي ها.

هاڻي ويڙهه آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اسٽيبشلمينٽ به پريشان آهي. عمران خان تي مٿان جيتري سختي ۽ سوڙهو ڪيو وڃي ٿو اوترو سندس ووٽ بئنڪ وڌي رهيو آهي. بحرالحال وزيراعظم شهباز شريف ٿي ويو اسان جهڙي نفسياتي غلام قوم کي قبول ڪرڻو پئجي ويو. هونءَ به اسان جي انڪار جي ڪابه اهميت باقي نه رهي آهي. بحرالحال اسين فيملي لميٽيڊ ڪمپنين مان نڪري ڪونه ٿا سگهون. موجوده سياسي سيناريو ۾ جنهن کي خوشامند جا گر استعمال ڪرڻ نه ٿا اچن اهو مون جيان ميدان کان ٻاهر ئي هوندو آهي. ڀلي ڪيڏو به ايماندار ڇو نه هجي. مون کي چڱي طرح ياد آ جڏهن شهيد راڻي بينظير ڀٽو جتي به اجلاس يا ميٽنگ ڪندي هئي اتي وڏا وڏا ميڙ هوندا هئا. اسان وٽ خانداني سياست هميشه اتي ڪامياب ڏٺي ويئي آهي جتي تعليم جو فقدان هوندو آهي. يعني پسماندگي وارن علائقن ۾. نفسياتي غلام قوم ووٽ انهن کي ڏيندي آهي جنهن کي پنهنجو آقا سمجهندي آهي.

هاڻي وري به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخرڪار اسان اهڙو ڪو فيصلو ڪڏهن ڪنداسين ته اسان جهڙي نفسياتي غلام قوم ان غلاميءَ جي دائري مان ۽ شخصيت پرستي مان ڪڏهن آزاد ٿيندي؟ يا بس ائين سياسي جهان هلندو رهندو؟ جيئن 200 سال هلندو پيو اچي؟ يعني اسان مٿان ڪڏهن انگريزن، ڪڏهن ايرانين، ڪڏهن افغانين، ڪڏهن منگولن، ڪڏهن ترڪن ته وري ڪڏهن عربن حڪومت ڪئي. نيٺ اسان بمشڪل رنجيت سنگهه جي دور ۾ آزاد ٿياسين. پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ اسين آزاد ڪٿي آهيون؟ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ پاڪستان ۾ نفسياتي غلاميءَ جي شروعات ٿي. ان کان پوءِ اسان کي خبر نٿي پوي ته آيا اسين آزاد آهيون به يا نه؟ انگريز ليکڪ بڪسلي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هاڻي حڪومتون عوام جي ڏاڍ وسيلي نه پر انهن جي پنهنجي رضامندي وسيلي ڪنٽرول ٿينديون. ڇاڪاڻ ته اهي ذهني طور ايترا ته مفلوج هوندا جو انهن کي آزادي ۽ غلامي ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو. منهنجي ذاتي نظر ۾ غلاميءَ جي بدترين شڪل اها آهي جڏهن غلامن کي پنهنجن زنجيرن سان پيار ٿي وڃي. پر اسان کي گهرجي ته انهن زنجيرن سان پيار نه ڪرڻ گهرجي. بلڪه انهن کي ٽوڙڻ گهرجي. غلط ۽ صحيح جو فيصلو به پاڻ کي ڪرڻ گهرجي. غلامي اهڙي شيءِ به ناهي جنهن کي ختم نه ڪري سگهجي. اسان جي سامهون ملائيشيا، چين، سنگاپور، انڊونيشيا ۽ دبئي جا مثال سامهون آهن جن غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي دنيا ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي.

اسان به پنهنجي ملڪ ۾ ذهني ۽ نفسياتي غلاميءَ کي ختم ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ سڀ کان پهريان پنهنجي معاشري کي تعليم سان آراسته ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته معائشرو تعليم يافته هوندو ته غلاميءَ جا دروازا پنهنجو پاڻ ٽٽي ويندا آهن. پر اسان جا حڪمران جن هميشه تعليم کان وانجهيل علائقن مان پنهنجا مفاد حاصل ڪيا آهن اهي ڪيئن چاهيندا ته تعليم عام ٿئي؟ ۽ ائين انهن حڪمرانن جي دڪانداري به ختم ٿي ويندي. جيڪا اسان جي اشرافيه کي ڪڏهن به قابل قبول نه هوندي. پر پاڻ ۾ تعليم جي حاصلات لاءِ پنهنجي اندر ۾ غيرت ۽ ضمير کي جڳائڻو پوندو. پاڻ جي مراد تعليمي ميدان ۾ اڳتي اچو ۽ محنت ڪري چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ويهي ڪامياب ٿي پاڻ مڃرايو. ۽ پوءِ اسين نفسياتي غلاميءَ کان آزاد ٿي وينداسين. منهنجي خيال ۾ فوجي جنرل ڊڪٽيٽر نه پر ڊڪٽيٽر سياستدان آهن ڇاڪاڻ ته فوجي آمر هڪ ڀيرو اقتدار تي قابض ٿيندو آهي پر سياسي ڊڪٽيٽر هر پنجن سالن کان پوءِ اقتدار ماڻين ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته اسين ذهني ۽ نفسياتي طور غلام قوم جا ريدار جو آهيون.

ڳالهه جو مقصد هڪ ئي آهي ته پاڪستان هڪ غلام قوم آهي جيئن قوم کي چيو وڃي ٿو ائين ڪري ٿي. ڪن وقتن ۾ اسان کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ جا حڪمران ڪرپٽ ترين آهن ۽ اسين ها ۾ ها لائيندي چئون ٿا ته بلڪل آهن. وري اسان کي چيو وڃي ٿو وڃي ته ساڳيا حڪمران بهتر آهن اسين چئون ٿا ته بلڪل هنن کان وڌيڪ بهتر ڪير به نه ٿو ٿي سگهي  ان مان صاف ظاهر آهي ته اسين نفسياتي طور مري چڪا آهيون نفسياتي طور هڪ غلام قوم طور رهون ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.