چين جو رستو روڪڻ لاءِ عمران خان جي پٺڀرائي

اسلام آباد(عمران شفقت) عمران خان بهانو آهي اصل نشانو پاڪستان آهي،عالمي اسٽيبلشمينٽ جو نشانو سي پيڪ آهي،چين اولهه لاءِ خطرو بڻجندو پيو وڃي،چين جو رستو روڪڻ لاءِ گوادر ۾ مشڪلات پيدا ڪئي پئي وڃي،هڪ ناليواري بيوروڪريٽ جو موقف آهي ته اسان کي سائفر معاملي تي اصل جاچ اسد مجيد کان ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سائفر جي بنياد تي ئي عمران خان ٻيهر مقبول ٿي ويو ان ۾ عالمي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو به ڪردار آهي،آمريڪا ۾ عوامي نمائندن جو ايوان يا اسرائيل يا عمران خان لاءِ هڪدم گڏ ٿي وڃي ٿو،اهو چڪر ڪهڙو آهي؟ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض پنهنجي مفادن لاءِ پاڪستان سان غداري ڪئي، پر اسٽيبلشمينٽ جا پنهنجا مسئلا آهن،هاڻي رياست پنهنجا معاملا سڌا ڪري رهي آهي ٻئي پاسي  پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ جي  5 صحافين کي ٻه سال اڳ ڏنل انٽرويو جو هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي وائرل ڪري زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو آهي ان ڪلپ ۾ سرينا عيسيٰ پاران عمران خان بابت ڪيل ڪجهه ڳالهيون شامل آهن،ان انٽرويو ۾ سرينا عيسيٰ جو موقف هو ته اسان کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي، عمران خان وانگر اسان اليڪشن ناهي وڙهي پر منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي اثاثن جي هاڻي هر ڪنهن کي خبر آهي، عمران خان  پنهنجا ۽ ٻارن جا اثاثا ڇو نٿو ظاهر ڪري؟بني گالا جي مني ٽريل ڪٿي آهي؟ جمائما عمران خان بدران ٽئين شخص جي اڪائونٽ ۾ پئسا ڇو موڪليا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.