آرمي چيف سان روسي نائب وزيراعظم جي ملاقات،گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سان روسي نائب وزيراعظم ملاقات ڪئي، جنهن دوران خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي  جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آرمي چيف روس سان روايتي دفاعي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب روسي نائب وزيراعظم دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.